سنڌ يونيورسٽيءَ بيورو آف اسٽيگس پاران ڪشميري سان يڪجهتيءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويو، شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ سيمينار منعقد

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ بيورو آف اسٽيگس پاران ڪشميرين سان يڪجهتيءَ وارو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان سلسلي ۾ مک سيمينار آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ڪيو ويو، جتي بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر پروفيسر غزالا پنهور چيو ته پاڪستان ڪشميري جي حقن لاءِ هر فورم تي ڪوششون جاري رکيون آهن. هن چيو ته گڏيل قومون به ڪشمير بابت پنهنجن ٺهرائن تي عمل ڪرائي ته جيئن معصوم ڪشميري کي حق خود اراديت ملي سگهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي گڏيل قومن ۽ انساني حقن جي عالمي تنظيمن جي خاموش افسوس ناڪ آهي. پوليٽيڪل سائنس جي ڊاڪٽر عمران نوناري عالمي برادريءَ تي زور ڀريو ته اها پنهنجي خاموش ختم ڪري ڪشميري مسئلي جي نبيري ۾ مدد لاءِ اڳيان اچي ته جيئن ڪشميري عوام کي سندن خواهش موجب رهڻ جو حق ڏياري سگهجي. تقريب کي پروفيسر ڊاڪٽر نبي بخش ناريجو، غلام اڪبر مهيسر سميت مختلف مقررن خطاب ڪيو. واضح رهي ته ڪشمير جو ڏهاڙو هر سال 5 فيبروري تي ملهايو ويندو آهي، پر هن ڀيري 5 فيبروريءَ تي موڪل وارو ڏينهن (آچر) هئڻ سبب گذريل ڏينهن ئي ڪشميرين سان يڪجهتيءَ جو اظهار ڪرڻ لاءِ تقريب منعقد ڪئي ويئي.