سياسي طور مضبوط ۽ معاشي طور خوشحال پاڪستان ئي ڪشمير جي آزاديءَ جي ضمانت قرار: پاڪستاني عوام جون دليون ڪشميري ڀائرن سان گڏ ڌڙڪن ٿيون، والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آهن

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز پاران “ڪشمير مسئلو: ماضي ۽ حال” جي سري هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي مقررن چيو آهي ته سياسي طور مستحڪم، متحد ۽ معاشي طور خوشحال پاڪستان ئي ڪشمير جي آزاديءَ جي ضمانت ڏيئي سگهي ٿو. ڀارت ڪشمير ۾ انساني حقن جون مسلسل ڀڃڪڙيون ڪري رهيو آهي ۽ والاريل علائقي ۾ ڪشميرين تي ظلم ڪري رهيو آهي. پاڪستاني عوام جون دليون ڪشميرين جي دلين سان گڏ ڌڙڪن ٿيون. هنن مطالبو ڪيو ته گڏيل قومون سلامتي ڪائونسل جي ڪشمير بابت ٺهرائن تي عمل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪن. اهڙو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊپارٽمينٽ آف انٽرنيشنل رليشنز پاران نيلسن منڊيلا هال ۾ منعقد سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. سيمينار جي صدارت فئڪلٽي آف سوشل سائنسز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ڪئي، جڏهن ته سيمينار جو اهتمام آءِ آر شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي ڪيو ۽ مک مقرر پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جو اڳوڻو ترجمان ۽ سفير قاضي ايم خليل الله هو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڊاڪٽر حماد الله ڪاڪيپوٽي چيو ته ڪشمير زمين تي جنت مثل آهي، پر ڀارت جي وحشي حڪومت ان کي جهنم بڻائي ڇڏيو آهي. هن افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هندستان والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي لڳاتار ڀڃڪڙيون ڪندو رهيو آهي ۽ اتان جي معصوم عوام کي ڀارتي فوج نشانو بڻائي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان هميشه والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلم جي مذمت ڪئي آهي ۽ اتي ڀارتي فوج طرفان انساني حقن جي ڀڃڪڙين خلاف آواز اٿاريو آهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومن کي به ڪشمير بابت پنهنجن ٺهرائن تي عمل ڪرائڻ گهرجي. اڳوڻي سفير قاضي ايم خليل الله چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي آزاد حيثيت کي ڀارت 5 آگسٽ 2019ع تي ختم ڪري وڌيڪ بحرانن کي جنم ڏنو آهي. هن 1947ع کان وٺي هيل تائين جي ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي ظلمن ۽ ٻين اهم معاملن کان حاضرين کي آگاهه ڪيو ۽ چيو ته 5 آگسٽ 2019ع وارو ڀارتي قدم انتهائي غير اخلاقي ۽ غير انساني هو، جنهن تحت والاريل ڪشمير جي آزاد حيثيت ختم ڪري ان کي ٻن حصن ڪشمير ۽ لداخ ۾ ورهايو ويو، جنهن تي پاڪستان کان سواءِ چين پڻ پنهنجو سخت ردعمل ڏنو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ آر شعبي جي چيئرپرسن ڊاڪٽر عشرت افشان عباسي چيو ته سياسي طور مضبوط توڙي متحد ۽ معاشي طور خوشحال پاڪستان ئي والاريل ڪشمير جي ضمانت ڏيئي سگهي ٿو. هن چيو ته خطي ۾ پائيدار امن لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺهرائن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب مسئلي جي جلد نبيري لاءِ ڪوششون وٺڻ جي ضرورت آهي.