سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ “عورتن تي تشدد جا نفسياتي اثر” جي موضوع هيٺ سيمينار: شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتن جي حقن کي اجاگر ڪيو آهي (آمريڪي اسڪالر ايملي هائوز) عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ مردن کي پنهنجي رويي ۾ تبديلي آڻڻي پوندي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي نفسيات واري شعبي پاران “عورتن تي تشدد جا نفسياتي اثر” جي سري هيٺ هڪ ڏينهن وارو سيمينار آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ڪئي، جڏهن ته آمريڪا مان آيل اسڪالر ايملي هائوز مهمان مقرر طور شرڪت ڪئي. سيمينار کي صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو سائيڪالاجي ڊپارٽمينٽ طرفان هن اهم موضوع تي سيمينار منعقد ڪرڻ کي ساراهيندي چيو ته عورتن تي تشدد وارو مسئلو ترقي يافته توڙي اُسرندڙ ملڪن ۾ انساني حقن جي خلاف بنيادي حيثيت رکي ٿو. هن چيو ته اهڙن موضوعن تي پروگرام منعقد ڪرڻ معاشري ۾ عورتن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري آهي، جنهن سان سماج ۾ عورتن جي حقن جي حوالي سان آگاهي پيدا ٿيندي. سيمينار جي مهمان مقرر آمريڪي اسڪالر ايملي هائوز خطاب ڪندي چيو ته صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شاعري عالمي معيار جي آهي. شاهه لطيف پنهنجي شاعريءَ ۾ عورتن جي اهميت کي نروار ڪيو آهي. هن چيو ته ڀٽائيءَ پنهنجي شاعريءَ ۾ خاص طور تي مارئي ۽ سهڻي جي لازوال ڪردارن کي نمايان طور تي پيش ڪيو آهي. هن چيو ته شاهه لطيف عمر بادشاهه جي حوالي سان عورتن جي خلاف ناڪاري لاڙن کي به پنهنجي شاعريءَ جي ذريعي اجاگر ڪيو آهي. آمريڪي اسڪالر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عورتن جي حقن جي حوالي سان ڪيل شاعريءَ کي تمام گهڻو ساراهيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سائيڪالاجي شعبي جي پروفيسر ڊاڪٽر منيزه ملڪ سماج ۾ عورتن تي ٿيندڙ تشدد تي روشني وجهندي چيو ته گهر ۾ عورتن تي تشدد سان نه رڳو گهر بلڪ سماج تي به ناڪاري اثر پون ٿا. وومين ايڪشن فورم جي صدر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح عورتن تي تشدد سبب سماج تي ٿيندڙ اثرن تي روشني وجهندي چيو ته معاشري ۾ عورتن تي تشدد جي خاتمي لاءِ مردن کي عورتن جي حوالي سان پنهنجي رويي ۾ سڌارو آڻڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ سائيڪالاجي شعبي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه شاهه سيمينار ۾ آيل مهمانن، استادن ۽ شاگردن توڙي شاگردياڻين جو شڪريو ادا ڪيو ۽ سيمينار جا مقصد بيان ڪيا.