سنڌ يونيورسٽيءَ جي باني وائيس چانسيلر علامه آءِ آءِ قاضي جي 55هين ورسي سڀاڻي (13 اپريل تي) ملهائي ويندي، مدد علي سنڌيءَ جي لکيل ڪتاب “علامه آءِ آءِ قاضي” جي مهورتي تقريب به منعقد ٿيندي

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي باني وائيس چانسيلر ۽ سنڌي ٻوليءَ جي نامور محقق ۽ تعليمي ماهر علامه آءِ آءِ قاضي جي 55 هين ورسي سڀاڻي 13 اپريل 2023ع تي ملهائي ويندي، جنھن دوران وائيس چانسيلر پروفيسر ميريٽوريس ڊاڪٽر محمد صديق ڪلھوڙو، مختلف فيڪلٽين جا ڊين توڙي تعليمي ۽ انتظامي شعبن جا سربراھ مزار تي حاضري ڏيندا ۽ فاتحه خواني ۾ شرڪت ڪندا. ان ڏس ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو پاران جاري ڪيل سرڪيولر موجب علامه آءِ آءِ قاضي جي 55 هين ورسيءَ جي موقعي تي جامع مسجد لڳ واقع سندس مزار تي تقريب جو اهتمام ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فاتحه خواني بعد سندس ۽ سندس وني ايلسا قاضي جي مزارن تي گلن جون چادرون چاڙهيون وينديون. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي ۽ بيورو آف اسٽيگس جي گڏيل تعاون سان ڊين فئڪلٽي آف نيچرل سائنس جي آفيس ۾ واقع وڊيو ڪانفرنس روم ۾ صبح جو 10 وڳي علامه آءِ آءِ قاضي جي شخصيت، حياتي ۽ خدمتن بابت سنڌي ٻوليءَ جي نامور اديب ۽ ليکڪ مدد علي سنڌيءَ جي آءِ آءِ قاضي جي زندگي، ڪيريئر ۽ طرزِ عمل تي ڇپيل تحقيقي ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيندو، جنهن جي صدارت سنڌ يونيورسٽيءَ جو وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪندو. رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو يونيورسٽيءَ جي سمورن استادن، آفيسرن ۽ ملازمن کي تقريب ۾ شرڪت جي دعوت ڏني آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 04/12/2023
Announcements
1024 x 768
Scholars call for revival of reading culture They warn ‘language and wisdom will fade w...
View Details → 09/17/2025
1024 x 768
SU awards 85 PhD, M.Phil degrees at ASRB meeting
View Details → 09/17/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران تعليمي سال 2026ع بيچلرس ۽ ٿرڊ ا...
View Details → 09/16/2025