سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليمي سال 2023ع لاءِ پي ايڇ ڊي جي مختلف شعبن ۾ داخلائن لاءِ انٽرويوز جو اعلان، اميدوارن کي وقت جي پابندي ۽ ضروري ڪاغذ توڙي قومي سڃاڻپ ڪارڊ ساڻ کڻي اچڻ جي صلاح

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ مختلف شعبن پاران تعليمي سال 2023ع لاءِ مختلف شعبن ۾ پي ايڇ ڊي ۾ داخلائن لاءِ انٽرويو وٺڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ انسٽيٽيوٽ آف مائيڪرو بائلاجي جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر سرفراز علي تنيو، انسٽيٽيوٽ آف فزڪس جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عرفان علي ميمڻ، ڊپارٽمينٽ آف فريش واٽر بائلاجي اينڊ فشريز جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري ۽ ڊپارٽمينٽ آف ڪمپيريٽو رليجن اينڊ اسلامڪ ڪلچر جي چيئرپرسن ڊاڪٽر ناهيد آرائين ۽ ڊپارٽمينٽ آف سنڌي جي چيئرمين ڊاڪٽر نور محمد شاهه پنهنجين جاري ڪيل پڌرائين ۾ ڄاڻايو آهي ته ڄاڻايل شعبن جي پي ايڇ ڊي اميدوارن جا انٽرويوز 4 مئي 2023ع تي صبح جو 9 وڳي سندن لاڳاپيل شعبن ۾ ورتا ويندا. ٻئي طرف ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري پڻ پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ فزيالاجي شعبي جي پي ايڇ ڊي اميدوارن جا انٽرويوز 10 مئي 2023ع تي صبح جو 10 وڳي لاڳاپيل شعبي ۾ وٺڻ جو شيڊيول جاري ڪيو آهي. سمورن شعبن جي سربراهن لاڳاپيل اميدوارن کي پاڻ سان گڏ تعليمي سرٽيفڪيٽ ۽ قومي سڃاڻپ ڪارڊ کڻي اچڻ ۽ وقت جي پابنديءَ جو خاص خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 06/03/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر تحقيق ۽ تعليمي معيا...
View Details → 01/21/2026
1024 x 768
ثقافت کاتي ۽ قومي ورثي جي وفاقي وزير اورنگزيب خان ...
View Details → 01/21/2026
1024 x 768
Federal Minister hails Institute of Sindhology as national cultural asset
View Details → 01/21/2026