سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ماحولياتي تبديلين جي تباهه ڪارين بابت ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس سڀاڻي 4 مئي کان شروع: وائيس چانسلر صدارت ڪندو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سهڪار سان “ماحولياتي تبديلي، ان جا سماجي اثر ۽ پاڪستان ۾ ٻوڏ 2022ع جون تباهه ڪاريون” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري عالمي ڪانفرنس سڀاڻي 4 مئي کان منعقد ٿي رهي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سوشل سائنسز فئڪلٽي پاران عالمي ڪانفرنس 4 ۽ 5 مئي تي آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿيندي. ڪانفرنس جو سرپرست اعليٰ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، چيف آرگنائيزر سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جو ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ۽ ڪانفرنس سيڪريٽري ڊاڪٽر شبانه تنيو آهي. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪندو ۽ پلاننگ اينڊ ڊولپمينٽ جو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ شرڪت ڪندو، جڏهن ته ڪيترائي ڏيهي ۽ پرڏيهي اسڪالر ۽ محقق پنهنجا تحقيقي مقالا پڻ پيش ڪندا. هوڏانهن سوشل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حمادالله ڪاڪيپوٽو ٻڌايو آهي ته ڪانفرنس جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن ۽ پرڏيهي مهمان 3 مئي کان پهچڻ شروع ٿي ويندا.