سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فئڪلٽي آف فارميسي جي چئن اسڪالرن جي ايم فل جي پهرئين سيمينارن جو شيڊول جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فئڪلٽي آف فارميسي جي 4 اسڪالرن جي ٻئي ايم فل سيمينارن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ هو پنهنجي ريسرچ پروپوزل جو دفاع ڪندا. فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب فارماسيوٽڪس شعبي جي اسڪالر نمرا زمان ۽ فارماڪولاجي جي اسڪالر شهناز جي ايم فل جو پهريون سيمينار 26 مئي 2023ع ۽ فارماڪولاجي جي اسڪالرن مديحه ۽ فوزيه پروين جي ايم فل جو پهريون سيمينار 2 جون 2023ع تي فئڪلٽي آف فارميسي جي سيمينار روم ۾ منعقد ٿيندا. ان موقعي تي اسڪالرن جا سپروائيزر پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي، ڊاڪٽر محمد اسلم سولنگي ۽ معاون سپروائيزر ڊاڪٽر عمران سهرياڻي ۽ پروفيسر ڊاڪٽر فوزيه پنهور پڻ موجود هوندا. فئڪلٽي آف فارميسي جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر خالده فريال عالماڻي سمورن استادن، اسڪالرن ۽ شاگردن کي سيمينار ۾ شرڪت جي ڪوٺ ڏني آهي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 05/25/2023
Announcements
1024 x 768
University of Sindh Organizes Seminar on International Day of Democracy 2026
View Details → 09/16/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي جي پوليٽيڪل سائنس شعبي پاران جمهور...
View Details → 09/16/2026
1024 x 768
NADRA Introduces New IRS System at SU Dadu Campus
View Details → 09/16/2026