سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ سڀاڻي 25 مئي کان شروع ٿيندڙ پهرئين سيمسٽر جي امتحانن ۾ ويهڻ جي خواهشمند اميدوارن لاءِ ضروري هدايتون جاري، 2 جون تائين اڳئين ڪلاسن جي داخلا فيس جمع ڪرائڻ لازمي قرار، امپروور ۽ فيلوور اميدوارن کي آن لائين فارم ۽ امتحاني فيس ڀرڻ جي صلاح

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي ۽ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو سڀاڻي 25 مئي کان رٿيل پهرئين سيمسٽر جي امتحانن ۾ ويهڻ جي خواهشمند ريگيولر، امپروور ۽ فيلوور اميدوارن لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. ٻنهي عملدارن پنهنجي هڪ گڏيل بيان ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي سمورن ڪئمپسزن ۾ سڀاڻي 25 مئي کان شروع ٿيندڙ پهرئين سيمسٽر امتحانن ۾ ويهڻ جي خواهشمند ريگيولر شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏني ته هو 2 جون 2023ع (جمعو) تائين تعليمي سال 2023ع لاءِ پنهنجي اڳئين ڪلاسن جي داخلا فيس جمع ڪرائين. انهيءَ داخلا فيءَ ۾ سيمسٽر امتحان جي فيس پڻ شامل آهي. ڄاڻايل تاريخ 2 جون 2023ع تائين پنهنجي اڳئين ڪلاس جي داخلا في جمع نه ڪرائيندڙ اميدوارن جا اِي پورٽل اڪائونٽ بلاڪ ڪيا ويندا ۽ سندن امتحاني نتيجا روڪيا ويندا. هنن چيو ته اهڙا اميدوار جيڪي امپروور/ فيلوئر طور پهرئين سيمسٽر امتحان 2023ع ۾ ويهڻ چاهين ٿا، تن کي صلاح ڏجي ٿي ته هو سنڌ يونيورسٽيءَ جي آفيشل ويب سائيٽ exam.usindh.edu.pk تان پنهنجي امتحاني فيس جا چالان ڊائون لوڊ ڪن ۽ مقرر ڪيل امتحاني فيس پاڪستان ۾ ڪٿي به حبيب بئنڪ لميٽيڊ جي ڪنهن به برانچ ۾ 2 جون 2023ع تائين جمع ڪرائين، جنهن کان پوءِ هو لازمي طور پنهنجي امتحاني فيس واري چالان جي ڪاپي اي پورٽل تي اپلوڊ ڪري ڇڏين ته جيئن سندن آن لائين امتحاني فارم ڀرجي سگهي ۽ هو بنا ڪنهن رڪاوٽ جي امتحان ڏيئي سگهن. هنن وڌيڪ چيو ته آن لائين امتحاني فارم ڀرڻ امپروور/ فيلوئر توڙي ريگيولر اميدوارن لاءِ تمام گهڻو ضروري آهي. آن لائين امتحاني فارم نه ڀريندڙ اميدوارن جا نالا اٽينڊنس شيٽ ۽ امتحاني نتيجن واري شيٽ ۾ شامل نه ڪيا ويندا. اهڙا امپروور/ فيلوئر يا ريگيولر اميدوار جيڪي پنهنجا آن لائين امتحاني فارم واري عمل کي نظرانداز ڪندا، تن جا ايڊمٽ ڪارڊ (امتحاني سلپ) ايل ايم ايس ذريعي جنريٽ نه ٿيندي. آن لائين امتحاني فارم lms.usindh.edu.pk تي لاگ اِن ڪري اِي پورٽل/ ايل ايم ايس تي گهربل تفصيل فراهم ڪري ان کي ڀري سگهجي ٿو. هنن سمورن پرو وائيس چانسلرن، فوڪل پرسنز، ڊينز، ڊائريڪٽرز ۽ چيئرپرسنز کي گذارش ڪئي ته هو شاگردن جا حاضريءَ سان واڳيل مسئلا پاڻ ئي حل ڪن، جڏهن ته شاگردن ۽ شاگردياڻين کي صلاح ڏجي ٿي ته هو حاضري/ اٽينڊنس سان واڳيل مسئلن جي حل يا معلومات لاءِ پنهنجن شعبن جي سربراهن سان لهه وچڙ ۾ اچن.