سنڌ يونيورسٽيءَ جي سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ۾ تقريب، پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا، سرنديءَ وارن ماڻهن طرفان فراهم ڪيل يونيفارم به مستحق ٻارڙن حوالي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اهتمام هيٺ هلندڙ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ۾ سالياني انعامن ورهائڻ واري تقريب منعقد ٿي، جنهن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو، رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، پروجيڪٽ ڊائريڪٽر انجنيئر غلام شبير عباسي، سيڪيورٽي آفيسر غلام رسول چانڊيو ۽ ڪالوني چيئرمين ڊاڪٽر علي نواز پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا. تقريب جي شروعات ڪلام پاڪ جي تلاوت سان ٿي، جنهن جو شرف پنجين ڪلاس جي فائزه حاصل ڪيو، جڏهن ته نعت بينظير پيش ڪئي. بعد ۾ اسڪول جي گلن جهڙن شاگردن ۽ شاگردياڻين سنڌ جي مشهور فنڪار ممتاز مولائيءَ جي تازو ئي وائرل ٿيل اردو گاني “هم سنڌ ۾ رهني والي سنڌي مهمان نواز هين ساري” تي دلڪش رقص پيش ڪري حاضرين جون دليون کٽي ورتيون. سن موقعي تي کين تاڙيون وڄائي زبردست داد ڏنو ويو. ٻارڙن جي شاندار پرفارمنس کان پوءِ مختلف ڪلاسن جي پوزيشن هولڊر شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ انعام ورهايا ويا. بعد ۾ سرنديءَ وارن ماڻهن پاران مستحق ٻارڙن لاءِ موڪليل اسڪول يونيفارم وائيس چانسلر حقدار ٻارڙن ۾ ورهايا. ان موقعي تي تقرير ڪندي اسڪول جي پرنسپال مارئي عطار اسڪول جي ڪارڪردگيءَ بابت وائيس چانسلر، رجسٽرار ۽ ٻين مهمانن کي آگاهي ڏني ۽ چيو ته سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول جي ٽيچرز جا پروموشن ڪيا وڃن. هن چيو ته ٽيم ورڪ سبب انعام ورهائڻ واري تقريب منعقد ڪرڻ ممڪن ٿيو آهي. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر يونيورسٽيءَ جي بجيٽ، وفاقي ۽ سنڌ حڪومت جي گرانٽ، مادر علمي جي ڪارڪردگي ۽ مالي معاملن تي تفصيلي روشني وڌي. هن چيو ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد جا اعتراض آهن ته سنڌ يونيورسٽي اسڪول نه هلائي جو انهن تي خرچ تمام گهڻو آهي. هن چيو ته سيد پناهه علي شاهه ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد ٺاهڻ جو مقصد “نو پرافٽ – نو لاس” جي بنياد تي معياري تعليم ڏيڻ آهي. ٻنهي اسڪولن کي معياري تعليم جي فراهميءَ لاءِ ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو ٻڌايو ته هن 2016ع ۾ وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ بعد سالياني امتحاني نظام کي آن لائين ڪرائڻ شروع ڪرايو، پر بعد ۾ آيل وي سيءَ ان کي روڪرايو ۽ ڪاليجن جي ليٽ فيس جي مد ۾ هر سال صرف 17 لک رپيا جمع ٿي رهيا هئا. ٻيهر وائيس چانسلر مقرر ٿيڻ بعد جڏهن هن امتحاني نظام کي آن لائين ڪيو ته پهرئين سال ئي 17 لک جي جاءِ تي 7 ڪروڙ رپيا ليٽ فيءَ جي مد ۾ يونيورسٽيءَ جي اڪائونٽ ۾ جمع ٿيا. هن چيو ته مالي ليڪيجز بند ڪرڻ ۽ سادگيءَ جا اپاءَ اختيار ڪرڻ سبب يونيورسٽيءَ کي درپيش هڪ ارب رپين جي قرض کي جون 2022ع ۾ لاهي ڇڏيوسين. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي سالياني بجيٽ ساڍا 7 ارب رپيا آهي. وفاقي حڪومت پگهارن جي مد ۾ 24 سيڪڙو ۽ سنڌ سرڪار 18 سيڪڙو گرانٽ فراهم ڪري رهيون آهن، جيڪي 42 سيڪڙو ٿئي ٿو، جڏهن ته باقي 58 سيڪڙو رقم يونيورسٽيءَ کي پنهنجن وسيلن مان بندوبست ڪرڻو پوي ٿو. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته پهرئين سيمسٽر جي امتحانن ۾ 5 هزار شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پنهنجي سالياني داخلا فيس نه پيارڻ باوجود ويهڻ جي اجازت ڏني ويئي، جيڪڏهن ائين نه ڪريون ها ته سندن مستقبل کي نقصان رسي ها. هن چيو ته فيس نه ملندي ته يونيورسٽي خرچ ڪٿان پورا ڪندي، اهو به هڪ وڏو سوال آهي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته ميڊيڪل الائونس جي مد ۾ گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن کي حڪومت جي طئه ڪيل الائونس کان 1750 رپيا ماهوار وڌيڪ ڏيئي رهيا آهيون، جنهن تي آڊٽ اعتراض به ٿيا. جيڪڏهن اها رقم لاڳاپيل فورم مان ايڊجسٽ نه ڪرايون ها ته 89 ڪروڙ رپيا ڀري ڏيڻا پون ها ۽ گريڊ 2 کان 16 تائين جي هر ملازم کي پوڻا 3 لک رپيا ڀرڻا پون ها. وائيس چانسلر اسڪول جي سمورن ٽيچرن کي ايمانداريءَ سان پنهنجي نوڪري ڪرڻ ۽ احتجاجي سياست کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏيندي رجسٽرار کي هدايت ڪئي ته سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول جي ٽيچرن جي ترقين واري معاملي کي ڏٺو وڃي. تقريب ۾ ڊاڪٽر سحر امداد، پروفيسر رشيده ڀٽي، دائود چنڙ ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. جڏهن ته تقريب جي ڪارروائي ليڊي ٽيچر تانيا هلائي.