سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي 65 ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ تحت 45 لک رپين جا چيڪ ورهايا ويا،

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائن جي 65 ذهين شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ ٽيلينٽڊ اسٽوڊنٽس تحت مجموعي طور 45 لک 6 هزار رپيا ورهايا ويا. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڄاڻايل شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ چيڪ ورهايا. تفصيل موجب حڪومت پاڪستان جي منسٽري آف فيڊرل ايجوڪيشن اينڊ پروفيشل ٽريننگ (نيسٽ) پاران نيشنل انڊوومينٽ اسڪالرشپ فار ٽيلينٽڊ اسٽوڊنٽس تحت جاري ڪيل رقم مان انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي 2020ع بئچ جي 65 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ٻي قسط طور مجموعي طور 10 لک 8 هزار، 2021ع بئچ جي 10 اميدوارن کي ٻي قسط تحت 6 لک 90 هزار رپيا ۽ 2022ع بئچ جي 40 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي پهرين قسط ۾ 28 لک 8 هزار رپين جا چيڪ جاري ڪيا ويا. 2023ع بئچ جي وڌيڪ 40 چونڊيل اميدوارن کي جلد اسڪالرشپ جا چيڪ ملندا. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته وفاقي حڪومت جي نيڊ بيسڊ احساس اسڪالرشپ جي مليل رقم ٽنهي قسطن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي فراهم ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته سنڌ حڪومت جي فراهم ڪيل نيڊ ڪم ميرٽ اسڪالرشپ لاءِ به اميدوارن جا انٽرويوز مڪمل ڪيا ويا آهن، جن کي جلد رقم جي ادائگي ڪئي ويندي. هن چيو ته شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ آيل اسڪالرشپ جي رقم مان هڪ ٽڪو به هيڏي هوڏي ٿيڻ نه ڏنو ۽ بروقت چيڪ سندن حوالي ڪيا پيا وڃن ته جيئن هو ان مان تعليمي لاڀ پرائي سگهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي 20 هزار اميدوارن ليپ ٽاپ اسڪيم تحت درخواستون جمع ڪرايون آهن، ڏسون ٿا ته هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد سنڌ جي هن وڏي يونيورسٽيءَ لاءِ ڪيتري ڪوٽا منظوري ڪري ٿي. هن چيو ته هيڪ اختيارين کي سنڌ يونيورسٽي ۽ هتي زير تعليم شاگردن ۽ شاگردياڻين جي پسمنظر کان آگاهه ڪيو ويو آهي ته جيئن ملڪ جي هن پراڻي يونيورسٽيءَ لاءِ ليپ ٽاپ اسڪيم ۾ وڌ کان وڌ ڪوٽا ملي سگهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا استاد پنهنجين پگهارن مان ماهوار ڪٽوتي ڪرائي رقم شاگردن جي اسڪالرشپ لاءِ ڏيئي رهيا آهن، جنهن مان پروفيسرن تي مشتمل هڪ ڪميٽي انٽرويوز ڪري غريب ۽ فيس نه ڀري سگهندڙ شاگردن جي واهر ڪئي پئي وڃي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جا المناءِ (اڳوڻا شاگرد) جيڪي هن وقت ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏن عهدن تي فائز آهن، پڻ شاگردن جي واهر لاءِ رقم فراهم ڪري رهيا آهن، جيڪا پڻ غريب پر ذهين شاگردن شاگردياڻين کي مهيا ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته نوشهروفيروز سان تعلق رکندڙ هڪ اڳوڻي شاگرد (المنس) پنهنجي ضلعي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ڳچ رقم فراهم ڪئي، جيڪا پڻ انٽرويوز ذريعي لاڳاپيل شاگردن ۽ شاگردياڻين کي ادا ڪئي ويئي آهي. هن چيو ته ڏيهه توڙي پرڏيهه ۾ وڏن عهدن تي فائز سنڌ يونيورسٽيءَ جا اڳوڻا شاگرد وڏا سخي آهن ۽ هو غريب شاگردن جي واهر ڪرڻ جي سلسلي ۾ سخاوت جي اهميت کي سمجهن ٿا ۽ هو موجوده وائيس چانسلر جي قيادت تي اعتماد ڪندي رقم موڪلين ٿا. هن چيو ته چاهيون ٿا ته هر ذهين شاگرد ۽ شاگردياڻيءَ کي اسڪالرشپ ملي، جنهن لاءِ وڌيڪ ڪوششون ورتيون وينديون. تقريب ۾ ڊائريڪٽر فنانس ذيشان ميمڻ، اسٽوڊنٽس فنانشل ايڊ آفيس جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، سيمسٽر امتحانن وارو ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيائين جو ڊائريڪٽر سعيد احمد منگي، سينٽر فار پيور اينڊ اپلائيڊ جيالاجي جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، نعمت الله خلجي، قمر نانگراج، رافع ميمڻ ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.