سنڌ يونيورسٽي ۾ 76هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، وائيس چانسيلر قومي جهنڊو ڦڙڪايو، قومي ترانو به پيش، پوليس توڙي سنڌ يونيورسٽي سيڪيورٽي سلامي پيش ڪئي، پاڪستان جي آزاديءَ جو ڪيڪ پڻ ڪاٽويو ويو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پاڪستان جو 76هون آزاديءَ جو ڏهاڙو قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو قومي جهنڊو ڦڙڪايو. تقريب جي شروعات قومي تراني سان ٿي، جنهن دوران تقريب ۾ موجود ماڻهن ۾ اتحاد ۽ آزاديءَ جو جذبو گونجندو رهيو. يادگار تقريب ۾ رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو کانسواءِ سينڊيڪيٽ جي ميمبرن، ڊينز، مختلف شعبن جي سربراهن، فيڪلٽي ميمبرن، آفيسرن ۽ ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. 14 آگسٽ تي صبح سوير ئي ملڪ جي تاريخ جي اهم ترين ڏينهن تي جشن ملهائڻ لاءِ يونيورسٽيءَ جا استاد، آفيسر ۽ ملازم جيئن ئي گڏ ٿيا ته هڪ خوشي وارو ماحول ڇانئجي ويو ۽ طرف ساوا جهنڊا ڦڙڪندا رهيا. ان موقعي تي وائيس چانسيلر پاران اتحاد ۽ خوشي جي علامت طور ملڪ جي 76هين آزادي جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جنهن بعد مٺايون ورهايون ويون ۽ پوليس جي جوانن توڙي سنڌ يونيورسٽي جي سيڪيورٽي گارڊن تي مشتمل چاڪ چوبند دستي حب الوطني جو جذبو وڌائيندي پريڊ ڪئي. ان موقعي تي اسڪولي شاگردن مٺڙي آوازن سان ملي نغما ڳائي، وطن دوستيءَ جو جذبو پيدا ڪيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاڪستان جي بيشمار قربانين ذريعي حاصل ڪيل آزادي جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته آزادي هڪ وڏي نعمت آهي، جنهن جو قدر ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسانکي پنهنجي پنهنجي حيثيت ۾ ملڪ جي خدمت ۽ ان سان پيار ڪرڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته اسان جي وطن لاءِ اسان جي عقيدت خدمت جو سڀ کان حقيقي روپ آهي. هن والاريل ڪشمير ۽ فلسطين ۾ آزاديءَ لاءِ جاري جدوجهد جو مثال ڏيندي چيو ته آزاديءَ لاءِ وڙهندڙ ڪشميرين ۽ فلسطينين جي قربانين مان اسانکي سبق سکڻ گهرجي ۽ پنهنجي خودمختيار ملڪ توڙي آزاديءَ جو احترام ڪرڻ گهرجي. تقريب ۾ ملڪ جي ترقي خوشحالي لاءِ نذر حسين چانڊيو گڏيل دعا ڪرائي. بعد ۾ سنڌ يونيورسٽي جي باب الاسلام انٽري پوائنٽ تي نئين لڳايل گيٽ جي افتتاحي تقريب ٿي، جتي وائيس چانسيلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو ربن ڪاٽي سنڌ يونيورسٽيءَ جي لوگو لڳل گيٽ جو افتتاح ڪيو. سندس چوڻ هو ته باب الاسلام گيٽ کان اندر ماروي گرلس هاسٽل، ورڪنگ وومين هاسٽل، ٽيچرز هاسٽل ۽ ٻيون اهم آفيسون آهن، تنهن ڪري هتي حفاطتي ماحول پيدا ڪرڻ لاءِ گيٽ لڳرايا ويا آهن، جيئن رات جو هتان ڪو هروڀرو داخل نه ٿي سگهي. هن چيو ته باب الاسلام گيٽ رات جو اٺين بجي بند ڪيو ويندو ۽ ان دوران ڪو به ڪالوني جو رهواسي ٻاهر وڃڻ يا ٻاهران اچڻ چاهي ته سنڌالاجي ۽ ڪاليني وارا گيٽ استعمال ڪندو. هن چيو ته يونيورسٽي جي انٽري پوائنٽن، مک روڊن، ماروي هاسٽل، بوائيز هاسٽل ۽ ڪئمپس تي ٻين هنڌن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائون لڳاوين ويون آهن، جلد انهيءَ سيڪيورٽي سسٽم کي سينٽرلائيزڊ ڪيو ويندو ته جيئن ڪئمپس تي ٿيندڙ چرپر کي بهتر انداز ۾ مانيٽر ڪري سگهجي. تقريب جي پڄاڻي هڪ نئين اتحاد، مقصد ۽ پاڪستان جي آزادي جي جدوجهد کي برقرار رکڻ جي عزم سان ڪئي وئي. تقريب کانپوءِ آفيسرن، استادن ۽ ملازمن نئين افتتاح ٿيل گيٽ تي تصويرون پڻ ورتيون ۽ خوشيءَ جو اظهار ڪيو.