سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ۽ ماسٽر پروگرام (صبح ۽ شام) توڙي پي جي ڊي ارلي چائلڊهوڊ ايجوڪيشن جي مختلف ڊگري پروگرامز ۾ داخلا جي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 4 آڪٽوبر تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران بيچلر ۽ ماسٽر پروگرامز (صبح ۽ شام) ۽ پي جي ڊي (ارلي چائلڊهوڊ ايجوڪيشن) جي داخلا فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ واڌ جو اعلان ڪيو ويو آهي. ان ڏس ۾ ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پنهنجي جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته بيچلر ۽ ماسٽر پروگرام (صبح ۽ شام واري شفٽ) توڙي پي جي ڊي (ارلي چائلڊهوڊ ايجوڪيشن) جي مختلف ڊگري پروگرامز ۾ داخل 2023ع، 2022ع، 2021ع، 2020ع ۽ 2019ع بئچ جي شاگردن جي سيڪنڊ سيمسٽر (تعليمي سال 2023ع لاءِ) ۾ داخلا جي فيس جمع ڪرائڻ جي تاريخ ۾ 4 آڪٽوبر 2023ع تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. ڊائريڪٽر ايڊميشنز موجب داخلا فيس حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿي، جڏهن ته ايڇ بي ايل موبائيل ايپ ۽ ڪونيڪٽ ذريعي پڻ فيس جمع ڪرائي سگهجي ٿي. هن اميدوارن کي صلاح ڏني ته ڪنهن ٻي بئنڪ مان فنڊس ٽرانسفر، ايزي پئسا يا جيز ڪيش ذريعي فيس هرگز جمع نه ڪرائي وڃي.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 09/28/2023
Announcements
1024 x 768
SU fixes 30% cutoff line for 2026 bachelor admissions - E-portal to remain open from Oct 2...
View Details → 10/29/2025
1024 x 768
SU celebrates World Pharmacists Day with seminar, poster exhibition VC Marri urges pharma...
View Details → 10/29/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائ...
View Details → 10/29/2025