سنڌ يونيورسٽيءَ جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو خصوصي اجلاس، انڊر گريجوئيٽ توڙي گريجوئيٽ پاليسين 2023ع ۽ لاڙ ڪئمپس بدين توڙي نوشهروفيروز ۾ بي ايڊ هفتيوار پروگرام شروع ڪرائڻ جي منظوري

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي اڪيڊمڪ ڪائونسل جو خصوصي اجلاس وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي صدارت هيٺ وي سي سيڪريٽريٽ جي سينيٽ هال ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ انڊر گريجوئيٽ توڙي گريجوئيٽ پاليسين 2023ع سميت مختلف تعليمي معاملن جي منظوري ڏني ويئي، جڏهن ته بي ايڊ هفتيوار پروگرام ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد کان سواءِ لاڙ ڪئمپس بدين ۽ نوشهروفيروز ڪئمپس ۾ پڻ تعليمي سال 2024ع کان شروع ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪاليجن ۾ ٿيندڙ ايم اي (ايڪسٽرنل) پروگرام ۾ داخلائن لاءِ وڌيڪ هڪ سال جي واڌ جي به منظوري ڏني ويئي، جڏهن ته ايل ايل بي 3 سالا پروگرام جي رهجي ويل 100 اميدوارن کي پڻ هڪ وڌيڪ سال ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو تازو ئي يونيورسٽي سروس تان رٽائر ٿيل رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو جي خدمتن جي واکاڻ ڪندي کيس ڀرپور لفظن جي ڀيٽا پيش ڪئي. هن چيو ته امتحانن واري سالياني نظام ۾ ڪجهه خاميون ضرور آهن، جن کي ختم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته سيمسٽر واري امتحانن جو نظام بهترين آهي، اهو ئي سبب آهي ته گذريل تعليمي سال وقت تي مڪمل ٿيو ۽ امتحان ٿيا. وائيس چانسلر ٻڌايو ته تعليمي سال 2023ع ۾ ايم فل جي مختلف شعبن ۾ مجموعي طور هڪ هزار ۽ پي ايڇ ڊي ۾ مجموعي طور 300 داخلائون ٿيون، جيڪو هڪ رڪارڊ آهي. هن چيو ته وڏي پئماني تي گريجوئيٽ پروگرامن ۾ داخلائون نوجوانن جو سنڌ يونيورسٽيءَ تي وڌندڙ اعتماد جو واضح ثبوت آهي جو هتي معياري تعليم مهيا ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته انڊر گريجوئيٽ پروگرامن ۾ تعليمي سال 2023ع دوران 9 نوان تعليمي شعبا شروع ڪرڻ سبب 30 سيڪڙو داخلائون وڌيون. تعليمي سال 2024ع ۾ پڻ 4 وڌيڪ تعليمي شعبن جو اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ فئڪلٽي آف فارميسي ۾ ايسٽرين ميڊيسن اينڊ سرجري ۾ 5 سالا انڊر گريجوئيٽ پروگرام، فزيالاجي شعبي ۾ ڊاڪٽر آف فزيوٿراپي، انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس ۾ آرٽيفشل انٽيليجنس ۾ بي ايس ۽ علامه آءِ آءِ قاضي ڪئمپس ڄامشورو ۾ ايل ايل بي 5 سالا پروگرام شامل آهن. اهي چارئي شعبا نوڪرين جي قومي مارڪيٽ ۾ ڪافي اهميت رکن ٿا. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي ايلسا قاضي ڪئمپس حيدرآباد ۾ انسٽيٽيوٽ آف لا بدستور پنهنجو ڪم جاري رکندو ۽ گذريل ڪجهه سالن کان سول جج، لا آفيسر، پوليس انسپيڪٽر ۽ ٻين لاڳاپيل نوڪرين ۾ وڌيڪ حصو سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لا جي گريجوئيٽس جو رهيو. ان مان واضح آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ معياري تعليم ڏني پئي وڃي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته ايم اي (پريويس) تعليمي سال 2024ع کان سيمسٽر سسٽم تحت يونيورسٽيءَ ۾ داخلا نه ٿيندي ۽ درخواستون ڏيندڙ بي اي، بي ايس سي يا اي ڊي پروگرامن جي اميدوارن کي مادر علمي ۾ پنجين سيمسٽر ۾ داخلائون ڏيئي ٻن سالن بعد بي ايس جي ڊگري ڏني ويندي. اجلاس ۾ هائير ايجوڪيشن ڪميشن اسلام آباد پاران متعارف ڪرايل اينٽي پليجيرزم پاليسي 2023ع کي لاڳو ڪرڻ کان اڳ ان بابت هر فئڪلٽي ۾ وڃي فوڪل پرسن ڊاڪٽر زين العابدين کهڙو کي بريفنگ ڏيڻ جو پابند بڻايو ويو، جنهن بعد اڪيڊمڪ ڪائونسل پاران وائيس چانسلر کي اهو ڪيس سينڊيڪيٽ ۾ رکي منظور ڪرائڻ بابت اختيار ڏنو ويو. اجلاس ۾ ايل ايل بي 3 سالا پروگرام ختم ٿيڻ باوجود مختلف ڪاليجن جا اهڙا 100 اميدوار جيڪي 6 سال گذري وڃڻ باوجود پاس نه ٿي سگهيا، انهن مان 14 اميدوارن پاران يونيورسٽيءَ کي ڪيل اپيل به اجلاس جي ايجنڊا تي رکي ويئي، جنهن تي هائوس يڪراءِ سمورن اميدوارن کي آخري موقعو ڏيڻ جو فيصلو ڪيو. ان کان اڳ انسٽيٽيوٽ آف لا جي انچارج ڊائريڪٽر علي رضا لغاري ٻڌايو ته پاڪستان بار ڪائونسل جي ان حوالي سان ڪا به پابندي وغيره ناهي، جڏهن ته فيلوئر اميدوارن کي هڪ وڌيڪ موقعو ڏيڻ جو اختيار صرف اڪيڊمڪ ڪائونسل کي آهي، جنهن تي اميدوارن کي آخري موقعو ميسر ڪيو ويو. وائيس چانسلر ٻڌايو ته حڪومتي اعلان سان پگهارن ۽ پينشن ۾ ساليانو 800 ملين رپيا بار پيو آهي، پينشن فنڊ نه هئڻ سبب ريڪرنگ بجيٽ مان پينشن جي ادائگي ٿي رهي آهي. هن چيو ته 18-2017ع کان وٺي هيڪ اسلام آباد پاران گهٽ بجيٽ ملي رهي آهي، جڏهن ته سنڌ هيڪ مجموعي بجيٽ وڌائي 7 ارب رپيا مقرر ڪئي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ کي ٻين ستن ئي اعليٰ تعليمي ادارن جي ڀيٽ ۾ گهٽ حصو مليو آهي. هن چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين جو مالي پس منظر گهڻو بهتر ناهي، تنهنڪري هتي فيون باقي سڀني يونيورسٽين کان گهٽ ۽ سهولتون وري ٻين سمورين يونيورسٽين کان وڌيڪ ڏنيون پيون وڃن، جن ۾ 5 هزار جي لڳ ڀڳ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ هاسٽل ۽ 40 هزار کان وڌيڪ شاگردن کي ٽرانسپورٽ جي سهولت خاص طور شامل آهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته 400 کان وڌيڪ پينشنرز 20 هين گريڊ کان مٿي جا آهن، پينشن فنڊ قائم ڪرڻ لاءِ صوبائي ۽ وفاقي حڪومتون سهائتا ڪن ته جيئن اهو مسئلو هميشه لاءِ حل ٿي سگهي ۽ يونيورسٽي به مالي ٻوجهه کان آجي ٿي سگهي. ان کان اڳ اجلاس ۾ فئڪلٽي آف اسلامڪ اسٽڊيز جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر حافظ منير احمد خان اڪيڊمڪ ڪائونسل جي گذريل اجلاس کان موجوده اجلاس تائين جيڪي به ملازم خدا کي پيارا ٿي ويا، انهن جي مغفرت لاءِ گڏيل دعا گهرائي. اجلاس ۾ وائيس چانسلر کان سواءِ رجسٽرار، سمورن پرو وائيس چانسلرن، ڊينز، ڊائريڪٽرن، چيئر پرسنز ۽ پروفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي ڪارروائي ڪوالٽي انهانسمينٽ سيل جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر الطاف نظاماڻيءَ هلائي.