سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز پاران عالمي عيد ميلادالنبي ڪانفرنس منعقد

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز (عربي ۽ فارسي) پاران عالمي عيد ميلادالنبي ڪانفرنس منعقد ڪئي ويئي، جنهن ۾ محققن، تعليمي ماهرن ۽ عالمن آخري نبي حضرت محمد مصطفيٰ صلي الله عليه وسلم جن جي ولادت کان وٺي سندن سموري زندگي ۽ دين توڙي انسانيت لاءِ ڪيل بي لوث خدمتن تي روشني وڌي. ميلاد ڪانفرنس آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ جي شيخ اياز آڊيٽوريم ۾ منعقد ٿي، جنهن جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاران فئڪلٽي آف آرٽس جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي ڪئي، جڏهن ته انسٽيٽيوٽ آف لينگويجز جو ڊائريڪٽر صاحبزاد علي سڪندري، لاڙ ڪئمپس بدين جو پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي، مهراڻ يونيورسٽيءَ مان پروفيسر ڀواني شنڪر، ذاڪر علي شيخ، سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر غزالا پنهور، پروفيسر نظر حسين چانڊيو، ڊاڪٽر بشير احمد رند، محمد معشوق صديقي، ڊاڪٽر ناهيد آرائين ۽ ٻين شرڪت ڪئي. اجلاس کي برطانيا کان پروفيسر حافظ منير احمد الزهاري خطاب ڪندي نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن جي تعليمات کي تفصيل سان بيان ڪيو ۽ ان تي عمل ڪرڻ جي صلاح ڏني. بعد ۾ خطاب ڪندي قرآن مجيد کي 4 دفعا هٿ اکرن سان لکندڙ عبدالغني ٻگهيو چيو ته پاڪ ڪتاب جو قلمي نسخو لکڻ جو خيال کيس 2001ع ۾ آيو، جيڪو هن 2007 ۾ مڪمل ڪيو، جنهن بعد ٻيو دفعو قرآن مجيد کي خطاطي ذريعي 2010ع ۾ مڪمل ڪيو، جڏهن ته اکر سٺا نه هئڻ سبب هو پنجاب ۾ هڪ ڪيليگرافي جي ماهر وٽ 60 سالن جي ڄمار ۾ سکڻ جي غرض سان ويو. خطاطي سکڻ بعد هن 2 ڀيرا وري پاڪ ڪتاب لکي مڪمل ڪيو. هن چيو ته قرآن مجيد الله تعاليٰ جي زبان آهي، جنهن سان محبت ڪرڻ سان الله پاڪ جي رضا حاصل ٿئي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته سندس خطاطي ۽ رنگن سان مڪمل ڪيل قرآن مجيد کي سعودي عرب ۽ مصر جي قارين تمام گهڻو پسند ڪيو، جڏهن ته هن کين پي ڊي ايف ۾ تيار ڪري پنهنجو قلمي نسخو موڪليو. عبدالغني ٻگهيو جو چوڻ هو ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ زير تعليم شاگرد قرآن مجيد جي تلاوت، پنج وقت نماز ۽ نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم جن تي هر وقت درود پاڪ پڙهندا رهن ته دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي سندن قدم چمندي. هن چيو ته هو هڪ پرائمري استاد رهيو، پر قرآن پاڪ جي برڪت ۽ الله تعاليٰ جي خصوصي ڪرم نوازيءَ سبب سندس اولاد پڙهي اهم عهدن تي پهتو. ڊاڪٽر ناهيد آرائين پنهنجي تقرير ۾ نبي پاڪﷺ جن جي ولادت کان اڳ ۽ پوءِ سندن والده حضرت آمنه رضي الله تعاليٰ عنها جن آڏو آيل معجزن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته آخري نبي حضرت محمد صلي الله عليه وسلم پوري دنيا ۾ اسلام بابت ڄاڻ ۽ علم جي لاٽ ٻاري، جنهن ڪيترين ئي اونداهيءَ جي ور چڙهيل دلين کي منور ڪيو. هن چيو ته اڄ اسان تي فرض لاڳو ٿو ٿئي ته حضورﷺ جن جي تعليمات کي عام ڪريون ۽ سندن ميلاد ملهائي گهرن، عمارتن ۽ مسجدن کي منور ڪريون. نبي پاڪﷺ جن سان حقيقي محبت ڪري انسان دنيا ۽ آخرت کي سنواري سگهي ٿو. ڪانفرنس ۾ پروفيسر نظر حسين چانڊيو سنڌيءَ ۾ مولود ٻڌائي حاضرين جي دلين ۾ نبي پاڪﷺ جي محبت کي تازو ڪيو. بعد ۾ عبدالغني ٻگهيو ۽ ڊاڪٽر صاحبزاد علي سڪندريءَ اجتماعي دعا ڪرائي. بعد ۾ مهمانن وائيس چانسلر سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ کيس قرآن پاڪ جو قلمي نسخو ڏيکاريو.