سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ فشريز شعبي پاران ماهيگيريءَ جي عالمي ڏهاڙي تي سيمينار: شاگردن ۽ شاگردياڻين مختلف اسٽال لڳايا، ملڪ ۾ خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪرڻ ۽ ڳچ ناڻو ڪمائڻ لاءِ مڇيءَ جي پالنا وارو ڪلچر اختيار ڪرڻ تي زو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز پاران ڊپارٽمينٽ آف فشريز (ان لينڊ) ۽ ايس آءِ – يو ڪي پاڪستان جي سڪار سان ماهيگيريءَ جو عالمي ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي مڇيءَ جي پالنا، فيڊ ۽ ان جي انساني خوراڪ ۾ اهميت توڙي بيروزگاري گهٽائڻ جي حوالي سان مختلف اسٽال لڳائي شاگردن، شاگردياڻين ۽ ٻين ماڻهن کي آگاهي فراهم ڪئي ويئي. ان حوالي سان منعقد ڪيل سيمينار جي صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي، جڏهن ته ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز جي چيئرمين پروفيسر خالد حسين لاشاري، لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمباٽي، نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاري، ڊاڪٽر رفيق احمد لاشاري، ڊاڪٽر ذوالفقار زيدي، ڊاڪٽر پنهل خان لاشاري، ڊاڪٽر عقيل احمد ڀٽو، ڊاڪٽر پسند علي کوسو، ڊاڪٽر لڇمڻ داس، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر بارادي ورياڻي، عبدالرحمان نانگراج، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر تانيه مشتاق، گلگت بلتستان جي ڊپٽي ڊائريڪٽر فشريز اڪرام حسين، ڊاڪٽر غلام عباس، ڊاڪٽر حميده ڪلهورو، صنوبر ٽڳڙ، غلام رسول چانڊيو، ڪاشف ناريجو، شير زمان ميراڻي، ڊاڪٽر علي نواز سيال ۽ ٻين شريڪ ڪئي. سيمينار کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو چيو ته سنڌ يونيورسٽيءَ جي فشريز شعبي گلگت بلتستان سميت ملڪ ۾ مختلف ادارن سان مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ته جيئن سڄي ملڪ ۾ مڇيءَ جي پيداوار وڌائي سگهجي، جنهن سان بيروزگاري، غربت ۽ بداامني جو خاتمو آڻي سگهجي. هن چيو ته ماهگيري تمام وڏو شعبو آهي، جنهن تي ملڪي سطح تي ڏيان ڏيڻ وقت جي ضرورت آهي، اهو ئي سبب آهي ته سنڌ يونيورسٽيءَ جو فشريز شعبو مڇيءَ جي پالنا واري ڪلچر کي هٿي ڏيئي رهيو آهي. ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنس جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر خالد حسين لاشاري چيو ته مڇيءَ جي واڌ ويجهه لاءِ ضروري ناهي ته وڏا وڏا تلاءَ هجن، ننڍن تلائن ذريعي به مڇي پالي سگجي ٿي. هن چيو ته مڇي خوراڪ جي حوالي سان قدرت جو وڏو تحفو آهي، جنهن سان نه صرف بهترين خوراڪ جون ضرورتون پوريون ڪري سگهجن ٿيون، پر ڳچ ناڻو پڻ ڪمائي سگجي ٿو. ڊپارٽمينٽ آف فزيالاجي، ميڊيڪل ليبارٽي ٽيڪنالاجي ۽ پبلڪ هيلٿ جي چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار علي لغاريءَ چيو ته مڇيءَ جو واهپو انساني صحت لاءِ زبردست فائديمند آهي. ان سان ڪئنسر سميت مختلف بيمارين کان بچي سگهجي ٿو. هن چيو ته ڪئنسر سميت مختلف مرضن کان بچڻ لاءِ هفتي ۾ 2 کان 3 ڀيرا مڇي واپرائڻ ضروري آهي، تنهنڪري ماهيگيريءَ تي به ڌيان ڏيڻ جي گهرجي. سيمينار کي اڪرام حسين، غلام عباس، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ماهيگيريءَ جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف اسٽال پڻ لڳايا ويا، جن جو وائيس چانسلر معائنو ڪيو ۽ دلچسپيءَ سان شاگردياڻين کان بريفنگ ورتي. سيمينار ۾ وائيس چانسلر، ڊين سميت مهمانن کي يادگار شيلڊون پڻ پيش ڪيون ويون. سيمينار ۾ ماهرن 4 سفارشون پڻ ڪيون، جن ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف فشريز اينڊ ايڪوئٽڪ سائنسز ۾ نوجوانن کي نوڪريون حاصل ڪرڻ لاءِ 4 سالا ڊگري کان پوءِ شارٽ ڪورسز ڪرائڻ، سنڌ توڙي وفاقي حڪومت جي انسپيڪٽر واٽر جي عهدي لاءِ نوجوانن کي 6 مهينن جا ڊپلوما ڪرائڻ ۽ هڪ سيمسٽر ايڊوانس ڪورس هلائڻ شامل آهن. هڪ سيمسٽر ايڊوانس ڪورس هلائڻ سان سنڌ توڙي ٻين صوبن جي 17 ۽ 18 گريڊ جا آفيسر پنهنجين ترقين لاءِ سنڌ يونيورسٽيءَ جو رخ ڪندا، جنهن سان فشريز شعبي جي اهميت وڌيڪ اجاگر ٿي ويندي. ان کان علاوه ڪينجهر، منڇر، سنڌو درياءِ ۽ ٻين آبي علائقن ۾ فشريز ميلا منعقد ڪرڻ جي به سفارش ڪئي ويئي آهي ته جيئن سياحن کي هنن خوبصورت آبي ماڳن طرف آڻي سگهجي ۽ ڪينجهر توڙي منڇر جي سير تفريح سان گڏ ماڻهو هنن ميلن ۾ مڇيءَ جي مختلف قسمن جي خريداري به ڪري سگهن ۽ کائي به سگهن. ان مقصد لاءِ فشريز شعبي جي بورڊ آف اسٽڊيز ۾ ڊي جي ميرين فشريز، ڊي جي فشريز ۽ ڊي جي فشريز گلگت بلتستان کي ميمبر طور شامل ڪرڻ جي به سفارش ڪئي ويئي. ڄاڻايل چارئي سفارشون جلد وائيس چانسلر کي موڪليون وينديون.