سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڊپارٽمينٽ آف زولاجي ۽ پولٽر فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ جي سهڪار سان جانورن جو ڏهاڙو ملهايو ويو

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي ڊپارٽمينٽ آف زولاجي ۽ پولٽري فارمنگ اينڊ مئنيجمينٽ جي گڏيل سهڪار سان جانورن جو ڏهاڙو ملهايو ويو. ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران مختلف پراجيڪٽ نمائش لاءِ رکيا ويا ۽ پوسٽر پريزنٽيشن جو اهتمام ڪيو ويو. وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو زولاجي شعبي پهچي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران تيار ڪيل پراجيڪٽس جو افتتاح ڪيو. ان موقعي تي شعبي جي چيئر پرسن ڊاڪٽر ناهيد ڪاڪا ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. وائيس چانسلر شاگردن پاران تيار ڪيل هجرت ڪندڙ پکين، ڪمين جي مختلف قسمن، خونخوار عقاب، پولٽر سائنس ۽ ٻين پوسٽرن ۾ دلچسپي ورتي. شاگردن ۽ شاگردياڻين پنهنجي پريزنٽيشن ۾ وائيس چانسلر کي ڪڪڙن جي مختلف قسمن، انهن جي پالنا جي طريقن، آنن توڙي ٻچن جي مند بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. هنن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ 6 قسمن جا ڪڪڙ پاليا ويندا آهن، جيڪڏهن اهي وڏي پئماني تي سائنسي طريقن موجب پالجن ته ڳچ ناڻو ڪمائي سگهجي ٿو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 11/24/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ جي “معرڪهءِ حق” جي تقريبن ۾ حب ا...
View Details → 08/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ سائڪالاجي شعبي پاران معرڪه ءِ حق ...
View Details → 08/12/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ معرڪهءِ حق: پاڪستان جي فوجي مهم جو...
View Details → 08/12/2025