سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران نئين تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس (ٿرڊ ايئر)، ايم بي اي، ايل ايل ايم، بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال صبح توڙي شام وارن پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پهرين عارضي ميرٽ لسٽ جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران نئين تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس (ٿرڊ ايئر)، ايم بي اي، ايل ايل ايم، بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال صبح ۽ شام وارن پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پهرين عارضي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تي اعتراضن لاءِ ٻن ڏينهن جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي. سڀاڻي 19 ڊسمبر کانپوءِ حتمي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويندي ۽ فيس جمع ڪرائڻ لاءِ چالان اميدوارن جي اي پورٽل تي اپلوڊ ڪيا ويندا. سنڌ يونيورسٽي جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران فراهم ڪيل ڄاڻ موجب پاران سنڌ يونيورسٽي ۾ نئين تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس (ٿرڊ ايئر) ايم بي اي، ايل ايل ايم، بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال صبح ۽ شام وارن پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ پهرين عارضي ميرٽ لسٽ يونيورسٽي جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي آهي، جنهن تي اعتراضن لاءِ ٻن ڏينهن 18 ۽ 19 ڊسمبر تائين جو وقت مقرر ڪيو ويو آهي. هن ٻڌايو ته جاري ڪيل عارضي ميرٽ لسٽ تي ٻن ڏينهن  تائين جيڪي به اعتراض ايندا، انهن کي حل ڪري پهرين ميرٽ لسٽ لڳائي ويندي ۽ چالان اميدوارن جي اي پورٽل تي اپلوڊ ڪيا ويندا. هن ٻڌايو ته لاڙ ڪئمپس بدين ۾ بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ لاڙڪاڻو ڪئمپس ۾ بي ايس ٿرڊ ايئر انگلش پروگرامن جي عارضي ميرٽ لسٽ پڻ جاري ڪئي وئي آهي.