سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظام ھيٺ ھلندڙ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد سياري جي موڪلن سبب 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر تائين بند رھندا

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انتظام ھيٺ ھلندڙ سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد تعليم کاتي سنڌ جي اعلان تحت سياري جي موڪلن سبب 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2023ع تائين بند رھندا. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو پاران اھڙو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آھي. نوٽيفڪيشن موجب سياري جي موڪلن سبب سيد پناهه علي شاهه ماڊل اسڪول ڄامشورو ۽ ڊاڪٽر اين اي بلوچ ماڊل اسڪول حيدرآباد 22 کان 31 ڊسمبر 2023ع تائين بند رھندا، جڏھن ته ٻئي اسڪول پھرين جنوري 2024ع تي ٻيھر کلندا. نوٽيفڪيشن موجب موڪلن دوران ضروري عملو بدستور ڊيوٽين تي موجود رھندو.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/21/2023
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ڪرسمس ڏھاڙي جي مناسبت سان تقريب...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران عدالتي حڪمن جي تعميل جو سلسلو...
View Details → 12/18/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مريءَ جي...
View Details → 12/18/2025