سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران نئين تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس (ٿرڊ ايئر)، ايم بي اي، ايل ايل ايم، بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال صبح توڙي شام وارن پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ عارضي ميرٽ لسٽ جاري

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو پاران نئين تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس (ٿرڊ ايئر)، ايم بي اي، ايل ايل ايم، بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال صبح ۽ شام وارن پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ عارضي ميرٽ لسٽ جاري ڪئي ويئي آهي. داخلا فيس جمع ڪرائڻ لاءِ چالان اميدوارن جي اي پورٽل تي اپلوڊ ڪيا ويا آهن. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو پاران فراهم ڪيل ڄاڻ موجب سنڌ يونيورسٽي ۾ نئين تعليمي سال 2024ع لاءِ بي ايس (ٿرڊ ايئر) ايم بي اي، ايل ايل ايم، بي ايڊ ڏيڍ سال ۽ اڍائي سال صبح ۽ شام وارن پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ اعتراضن جا ٻه ڏينھن مڪمل ٿيڻ بعد عارضي ميرٽ لسٽ يونيورسٽيءَ جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي ويئي آهي. هن ٻڌايو ته داخلا فيس جا چالان اميدوارن جي اي پورٽل تي اپلوڊ ڪيا پيا وڃن، جتان اميدوار سڀاڻي 22 ڊسمبر کان چالان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگھن ٿا. ھن ٻڌايو ته پھرين ميرٽ لسٽ تحت جن به اميدوارن جون ماسٽرز جي جيڪي پروگرامن ۾ داخلائون ٿيون آھن، اھي 29 ڊسمبر 2023ع تائين داخلا فيس جمع ڪرائي سگهن ٿا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 12/21/2023
Announcements
1024 x 768
IBA Sports Gala 2025 kicked off with fanfare at SU’s PCB Ground
View Details → 10/30/2025
1024 x 768
Sindh University extends exam form deadline for multiple programs
View Details → 10/30/2025
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي ۾ ٻن ڏينهن وارو آءِ بي اي اسپورٽس گا...
View Details → 10/30/2025