سنڌ يونيورسٽيءَ جي گرلز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2024ع لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 16 فيبروري مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي گرلز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر ناهيد آرائين ڄاڻايو آهي ته تعليمي سال 2024ع تحت گرلز هاسٽلن ۾ فريش الاٽمينٽ جا فارم جاري ڪيا ويا آھن. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته تعليمي سال 2024ع تحت يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردياڻيون هاسٽل الاٽمينٽ لاءِ پنهنجي اي پورٽل تان فيس جو چالان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿيون. اي پورٽل تان الاٽمينٽ فارم ڊائون لوڊ ڪري ان سان گڏ ايڊميشن چالان، اسٽوڊنٽس آءِ ڊي ڪارڊ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ جون 2-2 ڪاپيون، 4 عدد رنگين پاسپورٽ سائيز تصويرون، ڊوميسائيل جي هڪ ڪاپي ۽ هاسٽل فارم جي فيس وارو چالان شامل ڪري آفيس ٽائيم دوران پرووسٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ھن چيو ته فارم جمع ڪرائڻ جي آخري 16 فيبروري 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي، ڄاڻايل مدو گذرڻ بعد ڪو به فارم وصول نه ڪيو ويندو.

 

Author: Mrs. Shumaila Solangi 01/25/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران الاٽمينٽ 2026ع لاءِ فيس جمع ڪرا...
View Details → 02/25/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران 2026ع بيچ جي شاگردن لاءِ هاسٽل ...
View Details → 02/02/2026
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران سال 2026ع لاءِ بوائز هاسٽلن جي ...
View Details → 01/21/2026