سنڌ يونيورسٽيءَ جي گرلز هاسٽلز ۾ فريش الاٽمينٽ 2024ع لاءِ فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 16 فيبروري مقرر

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي گرلز هاسٽلن جي پرووسٽ ڊاڪٽر ناهيد آرائين ڄاڻايو آهي ته تعليمي سال 2024ع تحت گرلز هاسٽلن ۾ فريش الاٽمينٽ جا فارم جاري ڪيا ويا آھن. پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ پرووسٽ وڌيڪ ڄاڻايو ته تعليمي سال 2024ع تحت يونيورسٽيءَ ۾ داخلا وٺندڙ شاگردياڻيون هاسٽل الاٽمينٽ لاءِ پنهنجي اي پورٽل تان فيس جو چالان ڊائون لوڊ ڪري حبيب بئنڪ جي ڪنهن به برانچ ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿيون. اي پورٽل تان الاٽمينٽ فارم ڊائون لوڊ ڪري ان سان گڏ ايڊميشن چالان، اسٽوڊنٽس آءِ ڊي ڪارڊ، قومي سڃاڻپ ڪارڊ جون 2-2 ڪاپيون، 4 عدد رنگين پاسپورٽ سائيز تصويرون، ڊوميسائيل جي هڪ ڪاپي ۽ هاسٽل فارم جي فيس وارو چالان شامل ڪري آفيس ٽائيم دوران پرووسٽ آفيس ۾ جمع ڪرائي سگهجي ٿو. ھن چيو ته فارم جمع ڪرائڻ جي آخري 16 فيبروري 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي، ڄاڻايل مدو گذرڻ بعد ڪو به فارم وصول نه ڪيو ويندو.