سنڌ يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 20 فيبروري تائين واڌ

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۾ مختلف ڊگري پروگرامز جي ريگيولر ۽ فيلووئر اميدوارن جي ٻئي سيمسٽر جي امتحانن جا فارم ۽ فيس جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ ۾ 20  فيبروري تائين واڌ ڪئي ويئي آهي. ان سلسلي ۾ سيمسٽر امتحانن واري ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي پنهنجي جاري ڪيل هڪ پڌرائيءَ ۾ ڄاڻايو آهي ته يونيورسٽيءَ سان لاڳاپيل سرڪاري توڙي خانگي ڪاليجن ۽ انسٽيٽيوٽن ۾ 4 سالا بي بي اي (آنرز) پروگرام، بي ايس آءِ ٽي، بي ايس سافٽ ويئر انجنيئرنگ پروگرام ۽ بي سي آءِ ٽي (صرف فيليوئر اميدوار) ٻئي سيمسٽر 2022ع ۽ 2023ع لاءِ بنا ليٽ فيءَ جي فارم جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 فيبروري 2024ع مقرر ڪئي ويئي آهي، جڏهن ته 21 کان 23 فيبروري 2024ع تائين ليٽ فيءَ سان گڏ امتحاني فارم جمع ڪرائي سگهبا.

Author: Mrs. Shumaila Solangi 02/19/2024
Announcements
1024 x 768
سنڌ يونيورسٽي پاران پهرئين سيمسٽر جي امتحانن جو ع...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
جامعہ سندھ کی جانب سے پہلے سمسٹر کے امتحانات کا عب...
View Details → 04/23/2026
1024 x 768
SU announces tentative schedule for 1st semester exams 2026; issues advisory for students
View Details → 04/23/2026