سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ “ماحولياتي تباهيءَ جا نتيجا: قدرتي آفتون، سنڌ ۽ پاڪستان لاءِ سماجي-اقتصادي ۽ انتظامي چئلينجز ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري ٻي عالمي ڪانفرنس شروع ٿي ويئي

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ فئڪلٽي آف سوشل سائنسز پاران سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جي سھڪار سان “ماحولياتي تباهيءَ جا نتيجا: قدرتي آفتون، سنڌ توڙي پاڪستان لاءِ سماجي -اقتصادي ۽ انتظامي چئلينجز ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو” جي سري هيٺ ٻن ڏينهن واري ٻي عالمي ڪانفرنس بينظير ڀٽو ڪنوينشن سينٽر ۾ شروع ٿي ويئي آهي، جنهن ۾ سڄي ملڪ جي يونيورسٽين سميت مختلف ملڪن جي ماحولياتي ماهرن ۽ اسڪالرن شرڪت ڪري پنهنجا مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جو مک مهمان سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن جو چيئرمين پروفيسر ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع هو، جڏهن ته صدارت وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي. صدارتي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته ماحولياتي تبديليءَ جي خطرن کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي اهم قدم کڻڻا پوندا. ان ڏس ۾ ماحولياتي ماهرن جي سفارشن کي اڳيان رکي پاليسيون تيار ڪيون وڃن ته جيئن قدرتي آفتن کي منهن ڏيئي سگهجي. هن چيو ته ماحولياتي تبديليءَ جي ڪري صرف سنڌ سميت پاڪستان قدرتي آفتن جي نشاني تي نه آهن، پر سڄي دنيا کي خطرا آهن، پر مناسب حڪمت عملي هئڻ سبب ترقي يافته ملڪن جاپان، ملائيشيا، ڪوريا، آمريڪا، ڪئناڊا، چين، ترڪي ۽ ٻين ملڪن ۾ جاني توڙي مالي نقصان گهٽ ٿئي ٿو. پاڪستان کي به ان سلسلي ۾ پنهنجن پيرن تي بيهڻو پوندو، جنهن لاءِ محققن ۽ ماهرن جو ڪردار اهم آهي. تقريب کي خطاب ڪندي ايڇ اي سي سنڌ جي چيئرمين ڊاڪٽر ايس ايم طارق رفيع چيو ته ڪانفرنس جو مقصد سڄي دنيا جي ماحولياتي ماهرن ۽ محققن کان تجويزون وٺي سفارشون مرتب ڪرڻ آهي، جيڪي صوبائي توڙي وفاقي حڪومت کي موڪليون وينديون ته جيئن انهن جي بنياد تي پاليسيون جوڙي سگهجن، جن سان مستقبل ۾ سنڌ توڙي ملڪ جي ٻين حصن ۾ ايندڙ ٻوڏن، برساتن ۽ ٻين قدرتي آفتن کي منهن ڏيئي سگهجي. صوبائي حڪومت جي پراونشل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر (آپريشنز) امداد حسين صديقي چيو ته موسمياتي تبديلي هڪ باقاعده خصوصيت بڻجي چڪي آهي، جنهن جو مشاهدو اسان سنڌ ۾ 2022ع ۾ ٿيل برساتن ۽ ٻوڏ جي تباهه ڪارين دوران ڪري چڪا آهيون. هن اعتراف ڪيو ته 2022ع جي برساتن ۽ ٻوڏن ۾ هڪ ڪروڙ 30 لک آبادي متاثر ٿي، 73 لک آبادي بي گهر ٿي ۽ تقريبن 1100 ماڻهو زندگين تان هٿ ڌوئي ويٺا. هن چيو ته ٻوڏ جي تباهه ڪارين دوران 8500 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ 4000 ڍور لڙهي مري ويا. هن چيو ته 37 لک ايڪڙ ايراضيءَ تي بيٺل فصل به 2022ع جي ٻوڏ دوران تباهه ٿيا ۽ 165 پـُليون لڙهي ويون. هن چيو ته ٻوڏ دوران سنڌ ۾ مجموعي طور 8463 ڪلو ميٽر روڊ تباهه ٿيو، 459 صحت مرڪز مسمار ٿيا ۽ 21 لک گهر ڊهي پيا. هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي وڏي نقصان کان بچڻ لاءِ صوبائي ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي ڪم ڪري رهي آهي. سينٽر فار اڪنامڪ اينڊ سوڪ لرننگ بال اسٽيٽ يونيورسٽي آمريڪا جي پروفيسر ڊاڪٽر ڊيوڊ جي روف چيو ته ماحوليات جي وڌندڙ چئلينجز جي پيش نظر اعليٰ تعليمي ادارن کي هڪ بهترين مستقبل ٺاهڻ جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪرڻو آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جي يونيورسٽين کي گڏجي ماحولياتي تباهيءَ کي روڪڻ لاءِ تحقيق جي بنياد تي سفارشون تيار ڪري حڪومتن جي مدد ڪرڻي پوندي. تقريب کي ڪانفرنس ڪنوينر ڊاڪٽر حمادالله، ڪانفرنس سيڪريٽري ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي افتتاحي تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ڪئي ويئي، جنهن بعد جڏهن قومي تراني وڄايو ويو ته ان جي احترام ۾ بينظير ڪنوينشن سينٽر جي آڊيٽوريم هال ۾ ويٺل سمورا مهمان اٿي بيٺا. افتتاحي تقريب کان پوءِ مختلف نشستون شروع ٿيون، جنهن ۾ پاڪستان سميت سريلنڪا، آمريڪا، ملائيشيا، ٿائيلينڊ، انگلينڊ ۽ ٻين ملڪن جي مختلف يونيورسٽين مان آيل اسڪالرن ۽ محققن ڄاڻايل موضوع تي پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. ڪانفرنس ۾ مختلف نشستون اڄ (اڱاري ڏينهن) پڻ ٿينديون، جنهن بعد سفارشون تيار ڪيون وينديون، جيڪي شام جو ٿيندڙ پڄاڻيءَ واري تقريب ۾ پيش ڪيون وينديون.