سنڌ يونيورسٽي جي انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگويج اينڊ لٽريچر پاران اسپورٽس گالا منعقد: مختلف راندين جي مقابلن ۾ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور حصو ورتو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگئيج اينڊ لٽريچر جو ساليانو ٻن ڏينهن وارو اسپورٽس گالا شروع ٿي ويو آهي. حيدر بخش پويلين ۾ ٿيندڙ مختلف راندين جي سرگرمين کي ڏسڻ لاءِ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب ۾ شريڪ شاگردن ۽ شاگردياڻين ڀرپور جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊين فيڪلٽي آف آرٽس پروفيسر ڊاڪٽر محمد خان سانگي، ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگئيج اينڊ لٽريچر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو، پروفيسر ڊاڪٽر فريده ياسمين پنهور، ڊاڪٽر طارق حسن عمراڻي، پروفيسر ڊاڪٽر غلام علي ٻرڙو، ڊاڪٽر ثناءُ الله انصاري، ڊاڪٽر عبدالحميد پنهور ۽ ٻين استادن توڙي ۽ سوين شاگردن شرڪت ڪئي. اسپورٽس گالا کي زبردست موٽ ملي، جنهن ۾ 200 کان وڌيڪ رانديگرن مختلف ايونٽس ميراٿن ريس، ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن، شطرنج ۽ ٽگ آف وار وغيره ۾ شرڪت ڪئي. اسپورٽس گالا جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وائيس چانسلر ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته رانديون سماج جي بلندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿيون ۽ روزمره جي زندگيءَ ۾ توازن پيدا ڪن ٿيون. هن چيو ته رانديون شاگردن جي جسماني ۽ ذهني صحت لاءِ پڻ اهم آهن. هن چيو ته تعليمي سرگرمين سان گڏ راندين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ يونيورسٽي ڪوششون وٺي رهي آهي ته جيئن شاگردن ۽ شاگردياڻين جي جسماني تندرستي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته اڄوڪو ايونٽ صرف راندين جي باري ۾ نه آهي پر شاگردن کي همٿائڻ جي حوالي سان به اهم آهي ته هو راندين لاءِ پنهنجو شوق پيدا ڪن ۽ ذهني طور توانا رهن. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته نوجوان طبقو پاڪستان جي وڏي طاقت آهي، تنهنڪري سنڌ يونيورسٽي شاگردن جي مسئلن کي اهميت ڏيئي اوليتي بنيادن تي حل ڪري رهي آهي. هن چيو ته اڄ جا شاگرد مستقبل جا اڳواڻ آهن، هن استادن تي زور ڀريو ته هو شاگردن ۾ ايمان، نظم و ضبط، احترام ۽ اتحاد جو جذبو پيدا ڪن ته جيئن اهي سماج جا ڪارآمد شهري بڻجي سگهن. هن شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پنهنجي والدين ۽ استادن جي وچ ۾ هم آهنگي پيدا ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪن. ڊائريڪٽر انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگئيج اينڊ لٽريچر ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو چيو ته توانو ذهن هڪ صحتمند جسم ۽ سٺي زندگيءَ لاءِ ضروري آهي، تنهنڪري انگريزي شعبو راندين جون سرگرميون منعقد ڪندو رهيو آهي ته جيئن شاگردن کي مثبت ۽ صحتمند ماحول ۾ تعليم حاصل ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪري سگهجي. هن چيو ته راندين جون سرگرميون شاگردن لاءِ انتهائي اهم آهن، ڇاڪاڻ ته شاگردن کي ذهني طور تندرست رهڻ گهرجي. هن چيو ته شاگردن جي صرف تعليمي ترقي ڪافي ناهي، پر انهن کي غير نصابي سرگرمين ۾ شامل ڪرڻ جي به سخت ضرورت آهي. جيڪو اسان ڪري رهيا آهيون. هن وڌيڪ چيو ته راندين سان شاگردن ۾ جوش، جذبو ۽ نظم و ضبط پيدا ٿئي ٿو. هن چيو ته اسپورٽس گالا دوران ميراٿن ريس، ڪرڪيٽ، ٽيبل ٽينس، بيڊمنٽن ۽ ٻيون رانديون منعقد ڪيون ويون آهن ته جيئن شاگردن ۾ اسپورٽس اسپرٽ پيدا ٿئي، جنهن سان منجهن برداشت ۽ رواداريءَ وارو مادو پيدا ٿيندو. بعد ۾ رانديگرن ڊوڙ مقابلن ۽ ٽگ آف وار ۾ پنهنجي ڪارڪردگي ڏيکاري. ان کان پوءِ شاگردن ۽ شاگردياڻين جي مختلف ڪرڪيٽ ٽيمن وچ ۾ الڳ الڳ مئچون پڻ منعقد ٿيون. راندين جون سرگرميون اڄ (اربع تي) به جاري رهنديون، جنهن کانپوءِ شام جو پڄاڻيءَ واري تقريب ٿيندي. مختلف مقابلن ۾ کٽيندڙ ٽيمن ۽ رانديگرن ۾ انعام ورهايا ويندا.