سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ مائيڪرو سافٽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ اي آءِ جو تعارف جي سري هيٺ سيمينار: مصنوعي ذهانت هڪ ئي وقت مختلف ڪم سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي،

 ٽيٽرا ٽيڪ آسٽريليا جي ايم 365 ريجنل ٽيڪ ليڊ فار ايشيا پئسيفڪ ۽ انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي اڳوڻي ٽيچر اسلم ميمڻ چيو آهي ته مصنوعي ذهانت هڪ ئي وقت مختلف ڪم سرانجام ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿي ۽ اها ٽيڪنالاجي محدود ذهانت ۽ عام مصنوعي ذهانت جا مرحلا طئي ڪري سپر مصنوعي ذهانت جي نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس سميت سمورن لاڳاپيل شعبن جا شاگرد ۽ استاد تيزيءَ سان مهارتون حاصل ڪندي ڊجيٽل معيشت ۾ جديد رجحانن سان پاڻ کي روشناس ڪرائين، نه ته ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ نه رڪجندڙ مقابلي ۾ هو پٺتي رهجي ويندا. اهڙو اظهار هن ڪالهه هتي انسٽيٽيوٽ آف ميٿميٽڪس اينڊ ڪمپيوٽر سائنس جي مک آڊيٽوريم ۾ “مائيڪرو سافٽ ٽيڪنالاجيءَ ۾ مصنوعي ذهانت جو تعارف” جي سري هيٺ منعقد ڪيل سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو.  ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ، ڊاڪٽر ڪامران بروهي، پروفيسر ڊاڪٽر ياسر عرفات ملڪاڻي، ڊاڪٽر شاهمراد چانڊيو، ڊاڪٽر اسدالله بليدي، ياسر نواز ميمڻ ۽ مخدوم عادل ڀٽي کان سواءِ صبح ۽ شام جي شفٽن ۾ بي ايس آرٽيفشل انٽيليجنس ۾ داخل پهرين بئچ جا سمورا 160 شاگرد ۽ شاگردياڻيون پڻ موجود هئا. آسٽريليا کان آيل اسلم ميمڻ وڌيڪ چيو ته مصنوعي ذهانت يا اي آءِ پنهنجي تخليقڪارن جي ذهانت کي اڳتي وڌائيندي هائبرڊ وار فيئر ۽ سائبر وار فيئر ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. هن آرٽيفيشل انٽيليجنس جي مختلف ايپليڪيشنز، ڀرپور موقعن ۽ مصنوعي ذهانت واري نظام جي تبديليءَ واري صلاحيت توڙي اي آءِ جي موجوده دور ۾ ڪردار تي تفصيلي روشني وڌي. آسٽريلوي ماهر مصنوعي ذهانت جي تحقيق ۽ ترقيءَ لاءِ مائيڪرو سافٽ جي اصولي طريقن کي تفصيل سان بيان ڪيو، جنهن جو مقصد انساني ذهانت کي وڌائڻ، صنعتن کي تبديل ڪرڻ ۽ ماڻهن توڙي معاشري لاءِ مثبت اثر پيدا ڪرڻ هو. هن مائيڪرو سافٽ جي مشن کي پڻ اجاگر ڪيو ۽ چيو ته دنيا جي هر شخص ۽ هر اداري کي وڌيڪ منافعي لاءِ بااختيار بنائڻ ۾ مائيڪرو سافٽ ڊولپرز ۽ ڊيٽا سائنسدانن جي ڊزائنز جو به اهم ڪردار آهي. هن مصنوعي ذهانت تي هلندڙ ڪيترائي مثال ڏنا، جن موجب مشينن کي ڏسڻ، ٻڌڻ، چکڻ، سنگهڻ، هلڻ، ڳالهائڻ، لامارا ڏيڻ ۽ اڏامڻ جي قابل بڻايو ويو آهي. سيمينار جي آخر ۾ انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالوسيم شيخ آسٽريليا کان آيل مهمان جو شڪريو ادا ڪيو، کيس اجرڪ جو تحفو ڏنو ۽ شيلڊ پڻ پيش ڪئي.