سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رمضان ڪريم دوران انتظامي توڙي تدريسي ٽائيمنگ جو اعلان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ رمضان ڪريم جي مقدس مهيني دوران انتظامي توڙي تدريسي شعبن ۾ ٽائيمنگ جو اعلان ڪيو ويو آهي. رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو پاران جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب سنڌ يونيورسٽيءَ جي انتظامي شعبن ۾ سومر کان خميس تائين صبح جو اٺين وڳي کان منجهند 2 وڳي تائين ڪاروهنوار هلندو، جڏهن ته جمعي واري ڏينهن ٽائيمنگ صبح جو اٺين وڳي کان منجهند هڪ وڳي تائين هوندي. هوڏانهن تدريسي شعبن ۾ رمضان ڪريم دوران سومر کان خميس تائين ٽائيمنگ صبح جو اٺين وڳي کان منجهند هڪ تائين هوندي، جڏهن ته جمعي واري تدريسي عمل صبح جو اٺين وڳي کان منجهند ساڍي ٻارهين وڳي تائين جاري رهندو. ٻئي طرف شام جي شفٽن ۾ ٽيچنگ شعبن ۾ سومر کان جمعي تائين ٽائيمنگ منجهند 12 وڳي کان شام پنجين وڳي تائين هوندي، جمعي واري ڏينهن هڪ وڳي کان منجهند ٻي وڳي تائين هڪ ڪلاڪ نماز جو وقفو هوندو. ڄاڻايل ٽائيمنگ رمضان شريف جو چنڊ ڏسڻ شرط ئي لاڳو ٿي ويندي.