سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ عورتن ۽ مردن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ عوامي آگاهي بابت سيمينار؛ مرض جي وقت سر سڃاڻپ مؤثر قرا

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ صحت جي ماهرن توڙي ڊاڪٽرن عورتن ۽ مردن ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام ۽ ان تي ضابطو آڻڻ لاءِ عوامي آگاهي ۽ وقت سر سڃاڻپ يا تشخيص کي موثر قرار ڏنو آهي. هنن چيو ته آڪٽوبر کي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي جو مهينو طور ملهايو پيو وڃي ۽ سڄي ملڪ ۾ هر سال 90 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا ٿينديون آهن، جنهن جو ڪارڻ شعور جي کوٽ ۽ تشخيصي سهولتن جي اڻهوند آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ڪالهه هتي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي انسٽيٽيوٽ آف جينڊر اسٽڊيز پاران منعقد ڪيل بريسٽ ڪينسر بابت آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. انسٽيٽيوٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ ڇاتي جي ڪينسر جي واقعن کي گهٽائي سگهجي ٿو پر ان لاءِ شرط عوام خاص طور عورتن ۾ شعور پيدا ڪرڻ ۽ ان مرض جي جلد تشخيص کي يقيني بڻائڻ آهي. هن چيو ته سندس انسٽيٽيوٽ هر مهيني سيمينارن ۽ سوشل ميڊيا ذريعي عوام ۾ شعور پيدا ڪرڻ جو ڪم جاري رکندو، هن چيو ته ڇاتي جي ڪينسر سان وڙهندڙ عورتن کي سماج طرفان ڀرپور سهڪار فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته کين مفت دوائون پڻ ڏنيون وڃن. هن چيو ته ڇاتي جي ڪينسر جي روڪٿام ۽ ان تي ضابطو آڻڻ ۽ عورتن ۾ شعور پيدا ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي، جڏهن ته عورتن جي اسڪريننگ ۽ علاج لاءِ مفت ميڊيڪل ڪيمپون به لڳايون وڃن. ڊاڪٽر مصباح بي بي قريشيءَ پاڪستان ۽ خطي جي ٻين ملڪن ۾ بريسٽ ڪينسر جي تيزيءَ سان پکيڙ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته جديد ڊيموگرافڪ رجحانن مان معلوم ٿئي ٿو ته ان مرض ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي. هن چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ابتدائي اسٽيج تي سڃاڻپ هميشه بيماري ۽ موت ٻنهي  جي شرح کي گهٽائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن چيو ته ميموگرافڪ اسڪريننگ مختلف سماجي، ثقافتي ۽ معاشي عنصرن سان ڳنڍيل آهي، تنهن هوندي به پاڪستان ۾ عورتون ڪيترن ئي سماجي، اقتصادي ۽ ثقافتي سببن جي ڪري ڪينسر جي آخري اسٽيج تي صحت جي سهولتن ڏانهن رجوع ڪن ٿيون، جن ۾ عمر، روزگار جي صورتحال، شعور جي کوٽ، سرجري جو خوف ۽ روايتي علاج ۽ روحاني علاج ۾ سندن عقيدو شامل آهي. لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي آفيس آف ريسرچ انوويشن اينڊ ڪمرشلائيزيشن جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر بنفشا منظور سيد چيو ته ڇاتي جو ڪينسر عورتن ۾ 99 سيڪڙو ۽ مردن ۾ صرف 1 سيڪڙو ٿيندو آهي. هن وڌيڪ چيو ته عورتن کي گهرجي ته هو پنهنجو چيڪ اپ پاڻ ئي ڪنديون  رهن ته جيئن سندن زندگيون محفوظ ٿي سگهن. هن چيو ته ملڪ ۾ 89 سيڪڙو ڇاتي جي ڪينسر جي مريضن جي سڃاڻپ آخري اسٽيج تي ٿي، ان جو ڪارڻ شعور جي کوٽ آهي. هن چيو ته بدنامي ۽ نسواني حساسيت جي خوف کي ختم ڪرڻو پوندو ۽ مردن کي اهڙي صورتحال دوران پنهنين زالن سان گڏ بيهڻ گهرجي. لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي فارماڪالوجي ڊپارٽمينٽ جي اسسٽنٽ پروفيسر ڊاڪٽر سادات ميمڻ جو چوڻ هو ته اسان جي ملڪ ۾ هر اٺن مان هڪ عورت کي پنهنجي زندگيءَ جي ڪنهن نه ڪنهن مرحلي تي ڇاتي جو ڪينسر ٿئي ٿو ۽ هر سال هزارين عورتون آگاهي جي کوٽ سبب حياتيون وڃائي ويهنديون آهن. هن چيو ته ڪيتريون ئي عورتون پنهنجي صحت جا مسئلا ٻين سان شيئر نه ڪنديون آهن ۽ ڪنهن به قسم جي ڇاتيءَ جي چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ وڃڻ کان به شرمائينديون آهن، هن وڌيڪ چيو ته ان سان نه رڳو وڏي عمر جون عورتون پر نوجوان ناريون پڻ متاثر ٿينديون آهن. هن چيو ته ٽيسٽن مان خبر پئي ته 77 سيڪڙو عورتون جيڪي ڇاتيءَ جي ڪينسر ۾ مبتلا آهن، تن جي عمر 50 سالن کان مٿي آهي. تنهن ڪري، هن مشورو ڏنو ته عورتن کي گهٽ ۾ گهٽ هر ٻن سالن ۾ هڪ ڊاڪٽر کان ميموگرام ۽ جسماني معائنو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪيموٿراپي جي صورت ۾ عورتن کي اڪثر وار ڪرڻ جو خدشو هوندو آهي پر اهو ضروري ناهي ته هر عورت بريسٽ ڪينسر ۾ مبتلا هجي ۽ ان جي ڪيموٿراپي ٿئي. هن چيو ته عورتن کي ڊاڪٽرن سان صلاح مشورو ڪرڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي پنهنجي ڇاتيءَ ۾ ڪا غير معمولي شيءِ محسوس ٿئي. لياقت يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز ڄامشورو جي فارماڪالوجي ڊپارٽمينٽ جي سينيئر ليڪچرار ڊاڪٽر شمشاد ميمڻ چيو ته اهو سمجهڻ تمام ضروري آهي ته عام طور بريسٽ ڪينسر جون علامتون ظاهر نه ٿينديون آهن. اسڪريننگ ميموگرامس ڇاتي جي ڪينسر جي شروعاتي سڃاڻپ ۾ مدد ڪن ٿا. هن عورتن کي 40 سالن جي ڄمار کان پوءِ هر سال اسڪريننگ ميموگرام ڪرائڻ جو مشورو ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن ڪنهن عورت کي بريسٽ ڪينسر جي خانداني تاريخ يا ٻين خطرن جا عنصر هجن ته ڊاڪٽر ان کي جلد ٽيسٽون ڪرائڻ جي صلاح ڏين. هن سمورن شهرين خاص طور عورتن تي زور ڀريو ته هو ڇاتي جي ڪينسر بابت آگاهي ڏين ڇاڪاڻ ته ان موذي مرض جي جلد پتو لڳائڻ سان قيمتي جانيون بچائي سگهجن ٿيون. هن چيو ته پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جا لڳ ڀڳ 90 هزار نوان ڪيس سامهون اچن ٿا، جن ۾ موت جي شرح تمام گهڻي آهي. هن چيو ته ڇاتيءَ جو ڪينسر هڪ لاعلاج مرض نه آهي ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن پهرين يا ٻئي مرحلي ۾ ان جي سڃاڻپ ٿي وڃي ته مريضن جي بقا جي شرح 98 سيڪڙو کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته مرض جي دير سان سڃاڻپ پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر سبب موت جي شرح جو وڏو سبب آهي. محقق جنيد سومرو چيو ته اسانجي معاشري ۾ ڇاتيءَ جي ڪئنسر بابت ڳالهائڻ هڪ سماجي بدنامي سمجهي پئي وڃي، جنهن جي نتيجي ۾ دير سان تشخيص ۽ وڌيل پيچيدگين سبب ڪيترن ئي ڪيسن ۾ مريض جو موت ٿيندو آهي. هن عوام تي زور ڏيندي چيو ته عورتن کي ڇاتيءَ جي ڪئنسر جي نشانين، پاڻمرادي معائني ۽ تشخيص بابت آگاهي ڏيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته اهو تمام سولو آهي ۽ ان ۾ ڪل پنج منٽ لڳندا آهن. سيمينار ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مين ڪيمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، امر سنڌو، ڊاڪٽر نجمه ميمڻ، پروفيسر ڊاڪٽر ذوالفقار لغاري، ڊاڪٽر پنهل خان سومرو، خالد ميراڻي، ڊاڪٽر محمد يونس لغاري، ڊاڪٽر رضا شاهه، ڊاڪٽر سجو مل، ڊاڪٽر آفتاب راڄڙ، ڊاڪٽر امير علي ٻرڙو، اسمه ڪلهوڙو، نجمه گوپانگ، پروفيسر ڊاڪٽر نيڪ محمد شيخ، ڊاڪٽر لڇمڻ داس ڌوميجا، ڊاڪٽر سنجوتا بائي ۽ ڊاڪٽر ناهيد آرائين ۽ ٻيا پڻ شريڪ هئا.