سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ يوم دفاع جي موقعي تي وائيس چانسلر جي اڳواڻيءَ ۾ ريلي، نمائش جو به اهتمام، شهيدن جي قربانين کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ گذريل ڏينهن يوم دفاع پاڪستان ملهايو ويو. ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو جي اڳواڻيءَ ۾ واڪ جو اهتمام ڪيو ويو. ان دوران پاڪ فوج جي هيروز کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، جن 1965ع جي جنگ ۾ دشمن خلاف بيمثال جرئت ۽ قومي ايڪي جو مظاهرو ڪيو. سنڌ يونيورسٽيءَ جي بيورو آف اسٽيگس يوم دفاع جي مناسبت سان هڪ واڪ جو اهتمام ڪيو، جنهن جي اڳواڻي سنڌ يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر پروفيسر (ميريٽوريس) ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو ڪئي. واڪ ۾ مين ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالستار شاهه، لاڙ ڪئمپس بدين جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمباٽي، رجسٽرار پروفيسر ڊاڪٽر مشتاق علي ڄاريڪو، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه ملاح، بيورو آف اسٽيگس جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صنوبر رحمان شيخ، نيچرل سائنسز فئڪلٽيءَ جي ڊين پروفيسر ڊاڪٽر آغا اسد نور، انسپيڪٽر آف ڪاليجز ڊاڪٽر ذوالفقار علي زيدي، سيمسٽر امتحانن جي ڪنٽرولر محمد معشوق صديقي، سالياني امتحانن جي ڪنٽرولر شاهد حسين لاڙڪ، انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر عبدالفتاح سومرو، انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ جي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر حاڪم علي مهيسر، پروفيسر ڊاڪٽر غلام اڪبر مهيسر، پروفيسر ڊاڪٽر ڪرن سميع ميمڻ ۽ ٻين استادن توڙي شاگردن شرڪت ڪئي. واڪ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ کان شروع ٿي سينٽرل لائبريري تائين پهتي ۽ اتان انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين تي پهچي ختم ٿي. ريليءَ ۾ شريڪ ماڻهن جي هٿن ۾ بئنر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ هو ملڪ ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پنهنجي خطاب ۾ شهيدن ۽ غازين کي خراج عقيدت پيش ڪيو، جن دشمنن جي جارحيت جو دليريءَ سان مقابلو ڪيو ۽ عوام جي حمايت سان سندن ارادن کي مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏيو. هن چيو ته يوم دفاع اسان جي وطن جي حفاظت لاءِ قرباني ۽ يڪجهتيءَ جي جذبي کي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستاني قوم ۽ فوج جي اڻ ٽُٽ رشتي کي مضبوط بڻايو. هن چيو ته اسان کي پنهنجن ٻارن کي 6 سيپٽمبر جي تقريبن ۾ شريڪ ڪرڻ گهرجي ته جيئن هو پاڪستان ۽ انهن بهادر فوجي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کان آگاهه ٿي سگهن، جن بهادريءَ سان جنگ وڙهي. وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي هر سال هن ڏهاڙي کي عقيدت ۽ قومي جوش ۽ جذبي سان ملهائيندي رهندي. هن فوج جي خدمتن کي ساراهيو ۽ ملڪ جي ترقي ۽ خوشحاليءَ لاءِ دعا پڻ ڪئي. ڊاڪٽر ڪلهوڙو چيو ته پاڪ فوج 6 سيپٽمبر کي قومي يوم دفاع طور ملهائيندي آهي، جڏهن ته پاڪستان ايئر فورس 7 سيپٽمبر  ۽ پاڪستان بحري فوج 8 سيپٽمبر تي هي ڏهاڙو ملهائيندي آهي. ٻئي طرف انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين پاران بينظير آرٽ گئلريءَ ۾ شهيدن جي تصويرن، فوجي اوزارن ۽ مشينري جي نمائش منقد ڪئي ويئي. وائيس چانسلر ان نمائش جو افتتاح ڪيو. پرو وائيس چانسلرز، رجسٽرار ۽ ٻيا پڻ ساڻس گڏ هئا، جن انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين جي شاگردن جي تخليقي صلاحيتن کي تمام گهڻو ساراهيو. ان موقعي تي انسٽيٽيوٽ جو ڊائريڪٽر پروفيسر سعيد احمد منگي، پروفيسر نعمت الله خلجي، پروفيسر خليق مهيسر، ڊاڪٽر نياز احمد ڀٽو، ڊاڪٽر نور محمد شاهه، ڊاڪٽر مخمور بخاري ۽ ٻيا به موجود هئا.