سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان جاري؛ وائيس چانسلر پاران ڪئمپس جي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو

 سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان پرامن ماحول ۾ جاري آهن، جن ۾ هزارين شاگرد پنهنجي لاڳاپيل شعبن ۾ امتحان ڏيئي رهيا آهن. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي امتحاني انتظامن جو جائزو وٺڻ ۽ امتحاني عمل جي شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ امتحانن جي مسلسل ٽئين ڏينهن تي مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو. هن ڪيترن ئي شعبن جهڙوڪ اڪنامڪس، سنڌي، اسلامي ڪلچر، مسلم هسٽري، سوشالاجي، پبلڪ ايڊمنسٽريشن، فلاسافي، انٽرنيشنل رليشنز، پوليٽيڪل سائنس، ڪرمنالاجي، اردو ۽ آرٽس فئڪلٽي بلڊنگ ۾ واقع ٻين شعبن جو معائنو ڪيو. هن انسٽيٽيوٽ آف انگلش لئنگويج اينڊ لٽريچر، انسٽيٽيوٽ آف بزنس ايڊمنسٽريشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف ڪامرس اينڊ مئنيجمينٽ ۾ هلندڙ امتحاني سرگرمين جو پڻ جائزو ورتو. ڊاڪٽر کمڀاٽي جي مختلف امتحاني بلاڪن تي پهچڻ تي لاڳاپيل شعبن جي سربراهن ۽ ڊينن سندس پرجوش آجيان ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وائيس چانسلر چيو ته سنڌ يونيورسٽي امتحانن جي شفافيت ۽ ضابطن کي يقيني بنائڻ لاءِ سيڪيورٽي جا بهترين انتظام ڪيا آهن. هن چيو ته کيس اهو ڏسي خوشي ٿي آهي ته شاگرد مڪمل تياري ۽ جذبي سان امتحان ۾ ويٺا آهن. هن وڌيڪ چيو ته فئڪلٽي ميمبرن ۽ انتظامي عملي جي امتحاني مرڪزن تي سرگرم موجودگي ساراهه جوڳي آهي. وائيس چانسلر چيو ته اسين امتحانن جي تقدس کي برقرار رکندي هر سطح تي تعليمي ميرٽ کي اوليت ڏيئي رهيا آهيون. هن چيو ته يونيورسٽي ڪلاس روم جي اندر ۽ ٻاهر سٺي سکيا لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي ڌيان ڏيئي رهي آهي.