سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پاران امتحاني مرڪزن جو دورو، سيمسٽر امتحانن جو جائزو، تيارين تي اعتماد جو اظهار
سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽيءَ اڱاري ڏينهن علامه آءِ آءِ قاضي ڪيمپس تي جاري پهرين سيمسٽر جي امتحانن جو اوچتو دورو ڪيو. ھن مختلف امتحاني هالن جو دورو ڪيو ۽ نگراني ڪندڙ عملي کي هدايت ڪئي ته هو امتحانن جي شفافيت، نظم و ضبط ۽ رازداري کي يقيني بڻائين. ھن شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ سمورين گهربل سهولتن جي فراھمي تي زور ڀريو. وائيس چانسلر جوابي ڪاپين جي ورهاست، وقت جي پابندي ۽ يونيورسٽي پاران مقرر ڪيل معيارن تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو. ڊاڪٽر کمڀاٽيءَ چيو ته يونيورسٽي امتحانن دوران ڪنهن به قسم جا ناجائز ذريعا برداشت نه ڪيا ويندا. ھن اسٽيٽسٽڪس شعبي، ڊاڪٽر ايم اي قاضي انسٽيٽيوٽ آف ڪيمسٽري، فئڪلٽي آف فارميسي سميت ٻين شعبن ۽ سينٽرن جو دورو ڪري امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ شاگردن سان ملاقات ڪري سندن پرچن ۽ سهولتن بابت پڇا ڪئي. ھن سھولتن تي اطمينان جو اظھار ڪيو.