سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان جي ڪئمپسز ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان پرامن ماحول ۾ شروع: شاگردن لاءِ سازگار امتحاني ماحول يقيني بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن، چاهيون ٿا ته تعليم پرائڻ سان گڏ نوجوان امتحانن ۾ پڻ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن: سنڌ يونيورسٽي ترجمان

سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۽ ان سان لاڳاپيل ڪئمپسز ۾ پهرئين سيمسٽر جا امتحان پرامن ماحول ۾ شروع ٿي ويا آهن، جنهن ۾ هزارين شاگردن ۽ شاگردياڻين جوش ۽ جذبي سان شرڪت ڪئي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي ترجمان پاران جاري ڪيل هڪ پڌرائي موجب وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر خليل الرحمان کمڀاٽي جي خاص هدايتن تي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي امتحاني عمل دوران گهربل سھولتون مهيا ڪيون ويون آهن ته جيئن هو ذهني سڪون سان پنهنجا پرچا حل ڪري سگهن. امتحاني مرڪزن ۾ پيئڻ لاءِ صاف ۽ ٿڌو پاڻي مهيا ڪيو ويو آهي، جڏهن ته بجلي جي بنا رڪاوٽ فراهمي کي به يقيني بڻايو ويو آهي ته جيئن گرميءَ جي موسم ۾ شاگردن کي ڪا تڪليف درپيش نه اچي سگهي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽيءَ جي ٽرانسپورٽ سيڪشن پاران شاگردن ۽ شاگردياڻين کي کڻي اچڻ ۽ ڇڏڻ لاءِ ٽائيم ٽيبل موجب پوائنٽ بسون هلايون پيون وڃن. امتحاني سينٽرن ۾ صفائي سٿرائيءَ جا به مڪمل انتظام ڪيا ويا آهن ۽ سيڪيورٽيءَ جو خاص بندوبست پڻ ڪيو ويو آهي، جتي سيڪيورٽي اسٽاف پنهنجي ڊيوٽين تي مقرر آهي. يونيورسٽي ترجمان جو چوڻ هو ته شاگردن لاءِ سازگار ۽ پرامن امتحاني ماحول يقيني بنائڻ لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا پيا وڃن. هن چيو ته چاهيون ٿا ته تعليم پرائڻ سان گڏوگڏ نوجوان شاگرد ۽ شاگردياڻيون امتحانن ۾ پڻ بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري سگهن.